حيدرآباد ۾ هاري اڳواڻ ڪامريڊ رمضان خاصخيلي جي ورسي ملهائي وئي

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان حيدرآباد ۾ سنڌ هاري هلچل جي جهوني اڳواڻ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي جي پهرين ورسي ملهائي وئي، سنڌ هاري ڪاميٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن پاران ڪامريڊ جي مزار تي حاضري گلن جي چادر چاڙهي سرخ سلام ۽ لفظن جي ڀرپور ڀيٽا پيش، ڪامريڊ رمضان خاصخيلي تاريخي هاري تحريڪ جو لازوال ڪردار ۽ جدوجهد مشعل راهه قرار، وفاقي سرڪار ۽ سنڌ حڪومت کان فوري سنڌ جي ڪروڙين ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ جو مطالبو. ان سلسلي  ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي پاران سنڌ جي هاري هلچل جي جهوني اڳواڻ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي جي پهرين ورسي ڪالهه حيدرآباد ۾ ملهائي وئي، سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي جي اڳواڻي ۾ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻن آزاد عالم لاشاري، ڪامريڊ محبوب، ڪامريڊ وجود علي، اصغر ملاڻو، ڪامريڊ رمضان خاصخيلي يادگار ڪاميٽي جي چيئرمين غلام حسين خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري ديدار شاد گوپانگ ۽ ٻين حيدرآباد ڪينٽ قبرستان ۾ پهچي ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي حاضري ڀري دعا گهري. ان موقعي تي سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻن ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي، ڪامريڊ آزاد عالم لاشاري، وجود علي لاشاري، غلام حسين خاصخيلي، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي جنرل سيڪريٽري جاني خاصخيلي، ڪامريڊ محبوب ولي محمد ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ڪامريڊ رمضان خاصخيلي سنڌ جي تاريخي هاري تحريڪ جو لازوال ڪردار آهي، جنهن باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي هاري حقدار نعري کي جهر جهنگ پهچائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، هنن چيو ته ڪامريڊ رمضان خاصخيلي حيدر بخش جتوئي، شيخ مجيب الرحمان، ڪامريڊ ڄام ساقي، سائين امداد محمد شاهه، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام رسول سهتو، ڪامريڊ صالح بلو، داد علي بخش جو تمام ويجهو سياسي ساٿي هو، جن سان گڏجي هن هن ملڪ ۾ آئين جي پاسداري، قانون جي حڪمراني، جمهوريت جي مضبوطي ۽ پيڙهيل طبقن جي حقن جي حاصلات لاءِ سڄي زندگي جدوجهد ۾ گذاري ڇڏي، اهڙا ڪردار تاريخ جا امر ڪردار آهن، جيڪي ملڪي سياسي تاريخ ۾ سدائين اوچي ڳاٽ سان زنده رهڻا آهن، هنن چيو ته ڪامريڊ رمضان خاصخيلي سنڌ جو بيباڪ ۽ بي داغ سياسي ڪردار هو، جنهن هارين جي حقن لاءِ وقت جي آمرن، ظالمن، جابرن، جاگيردارن ۽ وڏيرن سان مهاڏو اٽڪايو، سنڌ کي اهڙن ڪردارن تي سدائين فخر رهندو، هنن چيو ته اڄ به سنڌ جا هاري ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا آهن، تازي ٻوڏ ۾ سنڌ اندر ڪروڙين هاري متاثر ۽ بي گهر بڻيا، جيڪي اڃا تائين رليف ۽ روزگار لاءِ واجهائي رهيا آهن، انهن جي ڪابه امداد نه ٿي سگهي آهي، وقت جا حڪمران ڪروڙين متاثر هارين جي بحالي لاءِ تڪڙا قدم کڻن. ان موقعي تي سعيد احمد قريشي، اصغر ملاڻو، اعجاز چانڊيو، غلام مصطفيٰ خاصخيلي، نور محمد پٺاڻ، صدر خاصخيلي، واجد علي، اصغر علي ملاڻو ۽ ٻيا موجود هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں