دولتپور صفن ۾ اٽو ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهرين جي احتجاجي ريلي

دولتپورصفن(ن س) دولتپورصفن شهر ۾ اٽو سستي اگھ تي نہ ملڻ، مهانگائي ، گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ تعلقہ دولتپورصفن جي بحالي لاء شهرين، سماجي اڳواڻن ۽ ڳوٺاڻن پاران دولتپورصفن جي مين شاهي بازار کان احتجاجي ريلي ڪڍي دولتپورصفن پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي مظاهرين انجنئير عبدالڪريم ابڙو، عبدالحميد عباسي، يار محمد ابڙو، رفيق شاھ، علي نواز انڙ، مدثر عمراڻي ۽ ٻين چيوتہ سنڌ ۾ مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي ۽ سنڌ جا مالڪ اڄ بک ، بدحالي ۽ بيروزگاري سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن ، ايتري حد تائين جو ماڻهو اٽي جي لپ لاء سخت پريشان آهن ، هنن وڌيڪ چيوتہ حڪمران ڏينهون ڏينهن امير ٿيندا پيا وڃن ۽ سنڌ جا ماڻهو ڏينهون ڏينهن غريب ٿي ٻن ويلن جي ماني کان بہ محروم بڻيل آهي ۽ ڪيترائي ماروڙا روزانو بکي پيٽ سمهي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ، هنن وڌيڪ چيوتہ گذريل ٻن مهينن کان گئس جي لوڊشيڊنگ ڪري دولتپورصفن جو عوام عذاب ۾ مبتلا آهي هڪ طرف ڪاٺين جو چوٽ چڙهيل اگھ ٻي طرف گئس جي لوڊ شينگ بيزار ڪري وڌو آهي ، ٻچا صبح واري ٽائم تي بکي پيٽ اسڪول وڃن ٿا ، هنن وڌيڪ چيوتہ دولتپورصفن شهر کي مسلسل نظر انداز ڪيو ٿو وڃي ڪيترن ئي سالن کان تعلقي دولتپورصفن جي بحالي لاء جدوجهد ڪئي پئي وڃي پر افسوس ڪير ٻڌڻ لاء تيار ناهي ، ڪيتريون يوسيز دولتپورصفن سان شامل آهن ۽ تعلقو ساڳيو بحال ڪري سگهجي ٿو پر نا انصافي ٿي رهي آهي، هنن سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو تہ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ختم ڪري غريبن کي اٽو سستو ڏنو وڃي ، گئس جي هٿرادو لوڊشينگ ختم ڪري دولتپورصفن شهر جي عوام کي سهولت ڏني وڃي ، دولتپورصفن تعلقي کي بحال ڪري عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں