هنڱورجا(ن س) سماجي تنظيم سمي سجاڳ يوٿ فورم پاران سمي شھر ۾ مھانگائي خلاف ۽ ھن وقت سنڌ جي اندر اٽي جي ھٿرادو بحران ۽ واڌو قيمتن خلاف سمئ شھر ۾ مين مارڪيٽ کان ٿيندو گاجي ڳوٺ چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو ـ جنھن ۾ سماجي توڙي سياسي اڳواڻن ۽ دڪاندارن ڀرپور شرڪت ڪري مھانگائي گھٽايو غريب بچايو سنڌ ۾ سستو اٽو فراھم ڪيو جي شديد نعرن سان شاندار ريلي ڪڍي وئي. سماجي اڳواڻن جن ۾ الفت سھتو، غلام حسين سھتو، رياض حسين سھتو، حق نواز سولنگي ايڊووڪيٽ ڌڻي بخش مڱڻيجو ظھير سھتو سيد عارف حسين شاھ محمد بخش سھتو محمد اويس چنا ڊاڪٽر رياض سومرو قربان سھتو اظھر ڀٽو جن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جا مسڪين ماڻھون پھريان کان ئي برسات سبب ڏتڙجي ويا آھن ويتر جو عام واھپي وارين شين خاص ڪري کاڌ خوراڪ جي شين جي ڳاٽي ٽوڙ اگھن عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي اٽي جي في ڪلو قيمت 165 رپيا وڪرو ٿيڻ لڳي آھي حڪومتي دعوا ٺلھا آسرا آھن اڳواڻن سنڌ حڪومت توڙي وفاقي سرڪار ۽ ضلعي توڙي تعلقي جي عملدارن کان پر زور اپيل ڪئي آھي تـ ھن ھٿراڌو قيمتن تي ضابطو آڻي ۽ اٽي جي واڌو قيمت کي گھٽائي مسڪين ۽ غريب عوام منجھان بي چيني ختم ڪن نـ تـ سنڌ جو مسڪين عوام بکن وگھي مرڻ لڳندو. خدارا جلد کان جلد نوٽيس وٺي غريب ۽ بي وس عوام کي رليف ڏنو وڃي.
