سنڌ ۾ مڪاني چونڊون، ڪراچي ۾ پي پي ۽ جماعت اسلامي اڳڀري، حيدرآباد ڊويزن ۾ حڪمران پارٽي کي سوڀ

ڪراچي ( نمائندن وٽان ) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن سميت ٻين ضلعن پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ بعد ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي ۽ مختلف تڪن مان غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا اچڻ جو سلسلو به جاري آهي. ڪراچي ۾ پي پي ۽ جماعت اسلامي کي سرسي، حيدرآباد ڊويزن ۾ پي پي کي سوڀ، غيرحتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب گلشن اقبال ۽ نارٿ ناظم آباد ٽائون ۾ جماعت اسلامي اڳتي آهي. لياري، بلديا ۽ ابراهيم حيدري ٽائون جي ڏهه سيٽن تي پ پ کي سرسي حاصل آهي. ملير ضلعي جي 30 مان ٽن يونين ڪميٽين ۾ پ پ جا چيئرمين ۽ وائس چيئرمين ڪامياب ٿي ويا، ڏکڻ ضلعي ۾ 25 يوسيز مان هڪ تي پ پ جي چيئرمين ۽ وائس چيئرمين جا اميدوارن ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. حيدرآباد، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽو، سجاول، مٽياري، ڄامشورو ۽ دادو ضلعي ۾ به مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ مڪمل ٿي ويو آهي. غيرحمتي غير سرڪاري نتيجن موجب سيوهڻ ميونسپل ڪميٽي جي سمورن 15 وارڊز تي پ پ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. حيدرآباد ۾ پ پ کي ضلعي جي 160 مان 38 يوسيز تي سرسي حاصل ٿي وئي آهي. ميونسپل ڪميٽي ميهڙ جي سمورن 14 وارڊن ۾ پي ٽي آءِ ميدان ماري ورتو ۽ نوَ سيٽون پنهنجي نالي ڪري ورتيون آهن، پ پ چار سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته پ پ شهيد ڀٽو به هڪ سيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. دادو ميونسپل ڪميٽي جي 24 وارڊز مان پ پ کي 18، پي ٽي آءِ جي ٽن اميدوارن ۽ ٻن آزاد اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته هڪ اميدوار جي وفات تي چونڊون روڪيون ويون . مٽياري ٽائون ڪميٽي جي 7 وارڊز مان جي ڊي اي چار ۽ پيپلز پارٽي ٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي. هر هر اليڪشن ملتوي ۽ آخري وقت تائين غير يقيني واري صورتحال سبب اميد موجب ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو ۽ صبح کان ٻهپريءَ تائين تمام گهٽ ماڻهن ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ پولنگ اسٽيشنز جو رخ ڪيو، پر معمول موجب شام جي وقت ۾ چونڊ ۾ عمل ۾ ڪجهه تيزي نظر آئي ۽ ماڻهو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ پهتا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں