سڀاڻي ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ جو فيصلو،ق ليگ کي به پي ٽي آءِ ۾ ضم ڪرڻ لاءِ مشورا

پشاور (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڱاري تي خيبرپختونخوا اسيمبلي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ڪي پي جو وڏو وزير محمود خان عمران خان جي حڪم جو انتظار ڪري رهيو هو ۽ ڪالهه کيس ان حوالي سان هدايت ملي وئي آهي ۽ هو اڱاري تي اسيمبلي ٽوڙڻ واري سمري گورنر ڏانهن اماڻيندو. وڏو وزير آئين جي آرٽيڪل 112 تحت گورنر کي سمري موڪليندو ، 48 ڪلاڪن اندر گورنر سمري تي صحيح ڪندو، ٻي صورت ۾ اسيمبلي پاڻ مرادو ٽٽي ويندي. عمران خان چوڌري پرويز الاهي سان مسلم ليگ ق کي پي ٽي آءِ ۾ ضم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ چيو آهي ته ق ليگ جا سمورا اميدوار بيٽ جي نشان تي چونڊ وڙهن. چوڌري پرويز الاهي ان حوالي سان مشاورت لاءِ ق ليگ جو اعليٰ سطحي اجلاس پنهنجي رهائشگاهه تي طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب عمران خان ان خواهش جو اظهار ڪيو ته ق ليگ کي تحريڪ انصاف ۾ ضم ڪيو وڃي ان سان گڏوگڏ عمران خان مونس الاهي جي سياسي حڪمت عملي ۽ وفاداري مان ڏاڍو خوش ٿيو. هن پي ٽي آءِ ۾ مونس الاهي کي اهم عهدو ڏيڻ جي به آڇ ڪئي جنهن تي پرويز الاهي چيو ته هن موقعي تي عهدو ورتو ويو  ته ماڻهو سمجهندا ته اسان شايد بارگين ڪئي آهي تنهنڪري اسان کي ڪو عهدو نه کپي. پرويز الاهي چيو ته باقي پي ٽي آءِ ۾ ضم ٿيڻ لاءِ پارٽي اڳواڻن جو اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي جنهن ۾ ق ليگ جي سمورن اڳوڻن اسيمبلي ميمبر، عهديدار ۽ سمورا اڳواڻ شريڪ ٿيندا ۽ پنهنجي ڌار سڃاڻپ برقرار رکڻ يا تحريڪ انصاف ۾ ضم ٿيڻ جي حوالي سان حتمي فيصلو ڪندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں