شڪارپور (ڊ ر) سماجي اڳواڻ فرينڊشپ فار ايور گروپ پاران فرينڊ شپ فاريور گروپ جي سرواڻ ۽ شڪارپور جي نوجوان سماجي اڳواڻ ايڊووڪيٽ زاهد ڀنڀرو جي سالگره شڪارپور جي مقامي هوٽل ۾ ملهائي وئي. جتي ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ زاهد ڀنڀرو کي سندس جي سالگره جي موقعي تي گلن جي ورکا ڪري ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي فرينڊ شپ فار ايور گروپ جي اڳواڻن وحيد ڦلپوٽو، سجاد سيٺار، عبدالخالق سومرو، عرفان ملڪ ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سماجي اڳواڻ ايڊووڪيٽ زاهد ڀنڀرو هڪ بهادر ۽ سچو ماڻهو آهي، جنهن هميشه شڪارپور جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ بهترين ڪوششون ڪيون آهن، هن هميشه مظلوم عوام جي خدمت ڪئي آهي، جيڪا اصل عبادت آهي، اڳواڻن چيو ته زاهد ڀنڀرو جون سماجي خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، هميشه انساني خدمت ۽ شهر جي بهتري جو جذبو رکندڙ نوجوان سماجي اڳواڻ ايڊووڪيٽ زاهد ڀنڀرو کي سندس جي جنم ڏھاڙي تي مبارڪباد پيش ڪيون ٿا.
