عمران خان ٻيهر اقتدار ۾ آيو ته ملڪ تباهه ٿي ويندو، سندس اعمال سڀني اڳيان آهن: مولانا فضل الرحمان

پشاور (م ڊ) جي يو آءِ(ف) جي امير ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان ٻيهر اقتدار ۾ آيو ته هي ملڪ تباهه ٿي ويندو. پشاور ۾ تقريب کي خطاب دوران مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان ٻين تي الزام لڳائيندو آهي ۽ کيس چور چوندو آهي عمران خان کي ان ڳالهه جو ڏک آهي ته هو پنهنجي ٻاهرين آقائن جو مشن پورو نه ڪري سگهيو. پي ڊي ايم سربراهه چيو ته عمران خان ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، دنيا اسان جي مدد ڪري رهي آهي، عمران خان ٻڌائي ته پاڪستان جي دوستن اوهان جي مٿان ڀروسو ڇو نه ڪيو؟ دنيا چوي ٿي ته عمران خان کي پئسا ڏيندو ته اهي ضايع ٿي ويندا. عمران خان کي مخاطب ٿيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته توهان پاڻ کي مظلوم ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ ڪاغذ جو ٽڪڙو کڻي ڏيکاريو جنهن جي بنياد ئي ڪوڙ جي سوشل ميڊيا تي هجي اهو اسان کي ڪهڙو سچ ٻڌائيندو.؟ اهڙا ماڻهو پنهنجي اعمالن ۽ ڪردارن سبب سڀني جي سامهون وائکا آهن. مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان سوچي رهيو هو ته مان اسيمبليون ٽوڙيندس ته طوفان اچي ويندو، پر اهڙو ڪجهه به نه ٿي سگهيو. مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان ٻيهر اقتدار ۾ آيو ته هي ملڪ تباهه ٿي ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں