لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ رتوديرو پوليس هٿان چار ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڳوٺ انب پور جي رهواسي عبدالرحيم جهتيال جي وارثن پوليس خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن برڪت علي جهتيال پنهنجي گهرواري زرينه خاتون، پٽ مختيار جهتيال، ننهن ريحانه جهتيال ۽ ٻين سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان انتهائي غريب مسڪين آهيون، آئون ۽ منھنجا پٽ مختلف قسمن جو پورهيو ڪري گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندا آهيون. هن الزام لڳايو ته باڊهه ٿاڻي جي پوليس گذريل 2 جنوري تي رات جي وقت منهنجي نوجوان پٽ عبدالرحيم جهتيال کي چنگچي هلائڻ دوران بيگناهه وچ شهر مان گرفتار ڪري لاڪپ ۾ بند ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ايس ايڇ او باڊهه گلزار ٻرڙو پٽ جي آزادي لاءِ اسان کان ٻه لک روپيا رشوت گهري، غربت جي ڪري اسان پوليس کي رشوت نه ڏئي سگهيا سين، جنهن تي ايس ايڇ او باڊهه ايس ايڇ او رتوديرو اياز پٺاڻ سان گڏجي گذريل 12 جنوري تي پٽ عبدالرحيم کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي کيس گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پوليس پٽ مٿان ڪيترائي ڪيس داخل پڻ ڪيا آهن، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ايس ايڇ او باڊهه ۽ ايس ايڇ او رتوديرو خلاف ڪارروائي ڪري گرفتار پٽ کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.
