مھانگو اٽو ۽ احتجاج ڪٿي دنگ ڪندا؟

قاسم خاصخيلي
سنڌ ۾ پندرنهن سالن کان حڪومت ڪندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين عوام کان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀٽو جي ويزن کي اڳتي کڻي هلندي اٽو لٽو ۽ اجھو ڏيڻ جي واعدي تي هر ڀير ووٽ وٺڻ کي ترجيح ڏني آھي، هونئن بہ عام طور تي جيئڻ پائڻ ۽ رهڻ لاء انسان کي ان کان سواء ٻيو ڇا گھرجي، هر ڪنھن جي سوچ ۽ خواب هوندو آھي تہ هو سٺو کائي سٺو پھري ۽ هڪ سٺو رهي پوء رهڻ لاء جاء ڪچي پڪي، کائڻ لاء ماني رکي سکي مھانگي سھانگي يا وري تن ڍڪڻ جو اونو ئي ناهي رهندو پر جڏهن انسان جي زندگي جون اهي ٽئي شيون جن مان خاص طور جيئڻ جي لاء کائڻ جي لاء اهو اٽو ئي مھانگو ٿي وڃي تہ ان جون بقايا ٻئي سوچون في الحال دم پرواز ڪري وينديون آھن، ملڪ جي ٻين صوبن جيان سنڌ صوبي ۾ بہ وڌندڙ مھانگائي سبب ماڻھو تہ اڳئي پريشان هئا پر ڪجھ ڏينھن کان اٽي جي اگھن ماڻھن کان تہ وڏيون دانھون ڪڍرائي ڇڏيون آھن، اٽو جيڪو ڪجھ وقت اڳي 43 روپيا ڪلو ملي رهيو هو ان کي تہ ڄڻ ڪي عقابي پر لڳي ويا جو اهو آھستي آھستي 60 يا 65 کان پوء ھڪدم 140 کان 160 روپيا ڪلو تي پھچي ويو جنھن سبب اڳئي مھانگائي جو ماريل پورهيت طبقو ڄڻ تہ صفا گھاڻي ۾ پيڙھجڻ جھڙو ٿي ويو آھي، سنڌ ۾ اٽي جي ان صورتحال سبب سنڌ حڪومت جي ڏنل سبسڊي تي ڪيل 65 روپيا اگھ واري اعلان تي عمل ڪندي مل مالڪن پاران ٿورا گھڻا سستي اٽي جا اسٽال تہ لڳايا پر اتي ٿوري تعداد ۾ ڏنل اٽي جي ٻورين پويان سوين نہ بلڪہ هزارين ماڻھو جمع ٿيڻ ۽ قطارن ۾ انتظار ڪري خالي هٿين موٽندڙ غريب ماڻھن جو هاڻ تہ صبر بہ موڪلائي رهيو آھي ۽ نتيجي ۾ سنڌ ۾ ھڪ اڻ کٽ احتجاجن جو سلسلو بہ شروع ٿي ويو آھي، سنڌ جي تقريبن هر شھر ۾ ٿيندڙ احتجاجن سبب مين نيشنل هائي وي کان وٺي سرڪاري آفيسن تي لڳل ڌرڻن ۽ سستو اٽو نہ ملڻ سبب صورتحال ڏکي بنجي رهي آھي، ملڪ ۾ وڌندڙ اٽي جو اگھ ۽ ٿيندڙ احتجاج تہ الائي ڪٿي دنگ ڪندا پر سنڌ حڪومت جيڪا شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي پارٽي جي حڪومت آھي ان کي هن وقت عوامي مفادن وارا بھتر سياسي فيصلا ڪرڻ جي لاء ٻين سياسي معاملن کي هڪ طرف رکي مڪمل طور تي عوامي ڀلائي جي لاء هن طرف ڌيان ڏيڻ جي سخت ضرورت محسوس ٿي رهي آھي ڇو تہ سنڌ ۾ مبينا طور رشوت خور آفيسر شاهي کان وٺي مفاد پرست وڏيرا شاهي مڪمل طور عوام کي ٻنھي هٿن سان لٽڻ کي لڳل آھي 50 روپيا ڪلو تي ورتل ڪڻڪ 150 روپيا ڪلو اٽي جي صورت ۾ عوام کي ڏئي راتو رات ارب پتي ٿيڻ جا خواب ڏسي رهيا آھن، مبينا طور هٿرادو پئدا ڪيل اٽي جي بحران تي جلد ضابطو آڻي ان تي عام ماڻھو جي پھچ کي يقيني بنائڻ لاء سنڌ حڪومت پاران سخت ۽ ترت جوڳا اپاء وٺي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي سان پيار ڪندڙ ماڻھن جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي روڪيو وڃي نہ تہ هاڻ ھي وڏي اسپيڊ سان اٽي جا وڌندڙ اگھ ۽ ان کان ٻيڻا ٿيندڙ عوامي احتجاج خبر ناهي تہ ڪٿي دنگ ڪندا، ان ڪري سنڌ حڪومت جلد اٽي جي کوٽ ۽ ان جي وڌندڙ ھٿرادو اگھن واري معاملي جي سنگيني تي نظر رکندي پنھنجا عوامي مفاد وارا فيصلا ڪري پاڻ کي حقيقي عوامي پارٽي ثابت ڪري ڏيکاري تہ جيئن سنڌ جي ماڻھن ۾ هو پنھنجي لاء اهو ئي پيار ۽ اعتبار برقرار رکي سگھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں