نوشهرو فيروز ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي، پڊعيدن کان نوشهرو فيروز روڊ جي مرمت لاءِ احتجاجي ريلي

نوشهرو فيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن پاران پڊعيدن کان نوشهروفيروز روڊ جي لاءِ ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ ايس ٽي پي جسقم پي ٽي آئي ۽ ٻين تنظيمن پاران شرڪت ڪئي اڳواڻن جنھن اسد چانڊيو جاويد سيال ساجد راڄپر سالم سنڌي شاھد منڱڻيجو انيس راڄپر يونس راڄپر آصف حسيني ۽ ٻين شرڪت ڪئي اڳواڻن پاران روھڙي ڪئنال جي پل تي گڏ ٿي بينر ھٿ ۾ کڻي اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪري رهيا ھنن چيو ته سنڌ ۾ بک بدحالي سبب ھزارين ماڻھون پريشان آھن غريب عوام کان ته ھاڻي وات جو گرهه به کسي ورتو آهي اٽو منھانگو ڪيو ويو آهي سنڌ ڪابه سھولت موجود ناهي برساتن کانپوءِ غريب عوام ايڏو پريشان ٿي ويو آهي سنڌ حڪومت نالي ماتر آهي ھن وقت تائين ڪنھن به غريب عوام کي نه راشن مليو نه وري گھر ٺھرائي ڏنائين غريب عوام جا فصل پاڻي هيٺ اچي  تباھ ٿي ويا اھو معاوضو نه ڏنو ھنن وڌيڪ چيو ته ھي پڊعيدن کان نوشهروفيروز تائين روڊ مڪمل طور تي تباھ ٿي ويو آهي ھتان جا ايم اين اي ذوالفقار بيھڻ ۽ ابرار علي شاهه ۽ ايم پي اي سيد مراد علي شاهه ۽ ممتاز علي چانڊيو ھن روڊ جا ذميوار آهن پر ھن مھل تائين روڊ ناھن ٺھرائي سگھيا مظاهرين روھڙي ڪئنال جي پل کان بھرياڪاليج تائين لانگ مارچ ڪري ويھي رھيا  ھنن وڌيڪ چيو ته ھتان جا چونڊيل نمائندا عوام کان ووٽ وٺي اقتدار ماڻڻ بعد ستا پيا آهن غريب عوام جي ڪابه ڳڻتي ناهي ھو ڪھڙن مشڪلاتن ۾  آهن جيڪڏهن پڊعيدن وايا نوشهروفيروز روڊ اٺن ڏينهن اندر نه ٺھيو ته نوشهروفيروز بائي پاس تي ڌرڻو هڻنداسين   ۽ ڊي سي آفيس جو گهيراءُ ڪنداسين اڳواڻن وڌيڪ چتاءُ ڏيندي چيو ته ايندڙ اليڪشن۾ پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن   کي ووٽ نه ڏينداسين ھنن سنڌ ۾ايتري ته ڪرپشن ڪئي آھي جو ھو آرام سان سڄي زندگي گذاري سگهن ٿا ھنن اھو به چيو ته ايم اين اي ذوالفقار علي بيھڻ ۽ سيد ابرار علي شاهه ۽ ايم پي اي ممتاز چانڊيو ۽ مراد علي شاهه خلاف نيب ۾ ھلندڙ ڪيس اربين رپين جا فنڊ  ڪيڏانهن ويا فورن تحقيقات ڪري قانوني ڪارروائي ڪري جيل موڪليا  وڃن  اسان وزيراعظم شھباز شريف ۽ سپريم ڪورٽ ۽ ھائي ڪورٽ جي ججن کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته نوشهروفيروز کان پڊعيدن تائين روڊ ٺھرائي ڏنو وڃي ته جئين ھتان جو غريب عوام سک جو ساهه کڻي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں