ٽنڊوآدم ( ن س ) ٽنڊوآدم گڊز ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن جي صدر شڪيل احمد بلوچ جو ڀاء ۽ محمد ابراھيم بلوچ جو فرزند قادر بلوچ مختصر علالت بعد 19 ورھين جي ڄمار ۾ ھن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو جنھن کي سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان بدر الدين شاھ ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو مرحوم جي آخري رسمن ۾ اھم سياسي سماجي اڳواڻن ايم اين اي روشن الدين جوڻيجو جي فرزند غياث روشن جوڻيجو . شڪيل احمد جوڻيجو . شھمير خان ڇٽو . ڊي آء جي حسن بلوچ . تنوير جوڻيجو . جان محمد جوڻيجو . ڊائريڪٽر حيدر بلوچ . نويد عالم بلوچ . گل حسن بلوچ . عمير قادر جوڻيجو . قلندر بخش ڏيرو . چاچا غلام مرتظي’ جوڻيجو . ڊي ايس پي غلام مصطفي’ بلوچ . دين محمد بلوچ . عبدالعزيز بلوچ . محمد اسماعيل بلوچ . قمبر لاشاري . محمد اسماعيل مري . الھ بخش بروھي . نبي بخش بروھي . اظھر عالماڻي . صحافي خالد خاصخيلي سميت مٽن مائٽن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ٻئي
