ڀٽ شاهه:مختلف وارڊن تي هٿياربندن ڪاهه ڪري جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪيا

ڀٽ شاهه(ن س)ڀٽ شاھ ٽائون جي اليڪشن ۾ پولنگ عمل دوران مختلف وارڊن تي هٿياربندن ڪاهه ڪري بيلٽ باڪس ۾ جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪيا، وارڊ نمبر 2 جي علي ولي الله اسڪول پولنگ اسٽيشن تي فائرنگ بعد لطيفي آزاد پئنل جا 2 حمايتي زخمي ٿي پيا، زخمي ٿيل عاشق چانڊيو ۽ خان محمد چانڊيو کي ڀٽ شاهه صحت مرڪز بعد حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته وارڊ نمبر 2, 3 ۽ 4 ۾ هٿياربندن بوٿن ۾ گهڙي جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪري پوليس کي ڌڪا ڏئي فرار ٿي ويا، ڀٽ شاھ جي اڪثر پولنگ اسٽيشن تي سمورو ڏينهن جهيڙا هلندا رهيا، شهر ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل رهيو، سانگهڙ ضلعي سان تعلق رکندڙ سوين ماڻهو مختلف گاڏين ۾ گشت ڪندا رهيا، وارڊ نمبر 1 تي لطيفي آزاد پئنل جي اميدوار امير علي بليدي پيپلزپارٽي اميدوار مٿان بيلٽ باڪس تبديل ڪرڻ جا الزام هڻندي احتجاج ڪيو، پيپلزپارٽي اميدوار سيد خاور حسين شاه لطيفي جو چوڻ هو ته اسان جا بلٽ پيپر لطيف آزاد پئنل جي اميدوار اسان جا بيلٽ پيپر ڦاڙيا آهن اسان ڪا به ڌانڌلي نه ڪئي آهي، ڀٽ شاھ ۾ سمورو ڏينهن پولنگ اسٽيشن تي جهيڙا ٿيندا رهيا، جنهن ڪري پولنگ جو سلسلو بند ٿي ويو، انتظاميا جو ڪردار به سواليا نشان ٿي ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں