چوهڙ جمالي ۾ ايس ٽي پي جو مهانگائي خلاف احتجاج

چوهڙ جمالي(ن س)چوھڙجمالي سميت شاھبندر تعلقي ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ اٽي جي اگھن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي خلاف ايس ٽي پي پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو  سنڌ ترقي پسند پارٽي تعلقي شاھبندر پاران منظور مگسي  ، عطا محمد بنگلاڻي ، شريف ڪلمتي ، ڪاڪا اشفاق ، حيدر جھولائي ، اڪبر شاھ ، جاڙو سنجراڻي جي اڳواڻي ۾ وڌندڙ مهنگائي ۽ اٽي جي اگهن ۾ ٿيندڙ اضافي خلاف ايس ٽي پي هائوس کان پريس ڪلب تائين  احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو . ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڊي سي سجاول اٽي جو اگھ  75 روپيه مقرر ڪيو آهي پر مقامي انتظاميه جي نااهلي سبب چوھڙجمالي ۾ اٽي سميت واھپي جي ھر شئي مھانگي ملي ٿي ھنن چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته مھنگائي تي ضابطو آڻي غريبن کي جيئڻ جو حق ڏنو ۽ منافعي خور واپارين خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں