اسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف جو وفد هڪ هڪ پائي جي سبسڊي جو جائزو وٺي رهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته پاڪستان سخت مالي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسلام آباد ۾ موجود آءِ ايم ايف وفد ناڻي ۽ واپار واري وزارتن جي هڪ هڪ ڪتاب کي ڏسي رهيو آهي، ڏُکي صورتحال مان نڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. اڄ سمورين پارٽين جو اتحاد ڏسي ڀارت ضرور پريشان هوندو، پاڪستانين پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي هميشه ياد رکيو آهي ۽ سندن اخلاقي حمايت جاري رکي آهي، ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ضرور رنگ آڻيندي پر اسان کي ان لاءِ لفظن ۽ نعرن جي ضرورت ناهي. ڪشمير مسئلي تي عملي قدم کنيا وڃن.
