دبئي ( م ڊ ) اڳوڻو صدر ۽ آرمي چيف جنرل ( ر ) پرويز مشرف 79 ورهين جي ڄمام لاڏاڻو ڪري ويو ، هو ڊگهي عرصي کان آمريڪن اسپتال دبئي ۾ علاج هيٺ هو جتي اڄ هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. سفارتي ذريعن اڳوڻو صدر جنرل ( ر ) پرويز مشرف جي لاڏاڻي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، اڳوڻي صدر جي گهرواري به پرويز مشرف جي لاڏاڻي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته پرويز مشرف جي تدفين ڪراچيءَ ۾ ڪئي ويندي. اڳوڻو صدر پرويز مشرف 11 آگسٽ 1943ع تي دهلي ۾ پيدا ٿيو ۽ 79 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف 1964ع ۾ پاڪ فوج ۾ شامل ٿيو هو، ڊگهي ملازمت کانپوءِ کيس 7 آڪٽوبر 1998ع تي چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو ويو. 12 آڪٽوبر 1999ع تي هو اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي هٽائي چيف ايگزيڪيوٽو بڻيو ۽ بعد ۾ هڪ ريفرنڊم ذريعي پاڪستان جو باظابطا صدر چونڊيو ويو. 2004ع ۾ آئين ۾ 17هين ترميم ذريعي پرويز مشرف کي وڌيڪ 5 سالن لاءِ بارودي صدر چونڊيو ويو، پرويز مشرف 18 آگسٽ 2008ع تي استعيفيٰ ڏئي ملڪ ڇڏي ويو. اڳوڻي صدر ۽ آرمي چيف جنرل ( ر ) پرويز مشرف جو مڙهه پاڪستان آڻڻ لاءِ خاندان طرفان دبئي جي قونصل خاني ۾ درخواست ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب پرويز مشرف جو مڙهه مُلڪ آڻڻ لاءِ پاڪستان مان جهاز اڄ صبح دبئي روانو ٿيندو. ذريعن جوچوڻ آهي ته خاص جهاز نور خان ايئربيس کان دبئي جي المڪتوم ايئرپورٽ پهچندو. ٻئي پاسي خانداني ذريعن تصديق ڪئي آهي ته پرويز مشرف جي تدفين ڪراچي ۾ ڪئي ويندي، اڳوڻي آرمي چيف جي امڙ دبئي ۽ پيءَ ڪراچي ۾ دفن آهن.
