جنرل باجوا مڃيو هو ته عمران خان وارو بلنڊر سندن کان ٿيو، قوم جي نرڙ تي لڳل داغ ڌوئڻو پوندو: مريم نواز

ملتان (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل ( ر ) قمر جاويد باجوا رٽائرڊ ٿيڻ وقت اِهو مڃيو ۽ ماڻهن کي چيو  عمران خان جهڙو بلنڊر اسان کان ٿيو، هاڻي اعتراف ڪافي ناهي مُلڪ ۽ قوم جي نرڙ تي لڳل داغ کي ڌوئڻو پوندو. ملتان ۾ ورڪرز ڪنونشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اڄ ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو آهي، والاريل ڪشمير جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ، جوانن، مائرن ڌيئرن کي سلام پيش ڪيان ٿي، هڪ ڏينهن ڪشمير پاڪستان بڻبو. هن چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف کي احساس آهي، مُلڪ ۾ مهانگائي تي هو ڏکارا آهن، دل ۾ سخت تڪليف آهي ته عوام ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، اٽو، دال، چانور سبزيون، بجلي گئس مهانگي ٿي وئي آهي جنهن تي مونکي به تڪليف ٿئي ٿي، عوام ڄاڻي ٿو ته مُلڪ ۾ مهانگائي ڪنهن جي پاليسين جو نتيجو آهي، پر نواز شريف جيئن پهريان مُلڪ کي بحران مان ڪڍيو هو، هاڻي به ڪڍندو. مريم نواز چيو ته ڌيءَ کي پيءَ جي سامهون گرفتار ڪيو ويو، ڪنهن نواز شريف کي روئيندي ڏٺو؟ شاهد خاقان، راڻا ثناءُ الله، مفتاح اسماعيل مهينن تائين جيلن  ۾ قيد رهيا ڪير نه رنو، مون ڳوڙها نه ڳاڙيا، مقابلي جي دعويٰ ڪرڻ وارا اڄ ٻارن وانگر روئي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته جنرل ( ر ) باجوا اعتراف ڪيو ته عمران خان جهڙو بلندڙ اسان کان ٿيو، بلنڊر جو اعتراف ڪافي ناهي هي جيڪو داغ سياست جي نرڙ تي لڳو آهي ان کي ڌوئڻو پوندو، اِهو بلندڙ نه هو، هي نانگ هو جيڪو پنجن ڄڻن جي ٽولي پاليو آهي، هاڻي اِهو ئي نانگ کين ڪکي رهيو آهي. هن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جيڪو چئن سالن تائين چوندو رهيو ته کين روئاريندس، اڄ پاڻ ٻارن جيان روئي رهيو آهي، سياستدان روئيندا ناهن ڄمي مقابلو ڪندا آهن پر عمران خان سياستدان ناهي، هن مُلڪي معيشت تباهه ڪري ڇڏي، جنهنڪري مهانگائي جو طوفان آيو. پي ٽي آءِ  چيئرمين طرفان جيل ڀريو تحريڪ جي اعلان هن چيو عمران خان جڏهن وزيراعظم هو ته چئن سالن تائين کيسا ڀريو تحريڪ هلائيندو رهيو، جيلون ڀرڻيون آهن ته پنهنجي ضمانت ڪينسل ڪرايو، جيل ڀريو ۽ پاڻ ڊڄڻن وانگر زمان پارڪ جي بنڪر ۾ لڪيو ويٺو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں