دادو ۾ سول سوسائٽي پاران مهانگائي ۽ ڪرپشن خلاف احتجاج

دادو (ڊ ر) دادو سوشل فورم سول سوسائٽي دادو پاران وڌندڙ مھانگائي ۽ ضلعي جي ادارن ۾ ٿيندڙ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن،اڻ اعلانيل لوڊشڊنگ، سوئي گئس جي ھٿرادو بحران، ميونسپل ڪاميٽي، روينيو،  پبلڪ ھيلٿ،  ٽريزري آفيس، منڊي جي مارڪيٽ ڪاميٽي هٿرادو ريٽ مقرر سميت دادو ضلعي جي سرڪاري ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ ڪرپشن خلاف  اڳواڻن مجيب پنهور، سڪندر پنهور، ايڊووڪيٽ حبيب لغاري، ڊاڪٽر عزيز لغاري، رجب خان شاهاڻي، ڊاڪٽر جبار ٻٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب دادو اڳيان علامتي بک ھڙتال ڪري چيف جسٽس آف پاڪستان، نيب  چيئرمين، اينٽي ڪرپشن کان مطالبو ڪيو ته دادو ضلعي مان ھر مھيني ادارن ۾ اربين روپين جي ٿيندڙ ڪرپشن جي شفاف جاچ ڪري ڊي سي دادو ۽ ادارن جي آفيسرن کي ھٽائي ضلعي تعلقن جي اندر ايماندار آفيسر مقرر ڪري دادو جي عوام سان انصاف ڪيو، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں