دڙو (ن س) دڙو لڳ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ سنڌي هاري تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي صدر ماما عارب ڪيڙانو جو ٽيجهو سندس اباڻي ڳوٺ محمد ابراهيم ڪيڙانو ۾ ٿيو. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، علي محمد پرويز، امير حمزہ ڪيڙانو، راحيل ڀٽو، الطاف راهوجو، حسين آزاد ميمڻ، غلام علي زئور، مٺا خان لاشاري، عزيز ميمڻ، گھنور خان زئور ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ ماما عارب ڪيڙانو محترم رسول بخش پليجي صاحب ۽ شهيد فاضل راهو سان گڏجي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي سنڌي ماڻھن کي سجاڳ ڪري کين جدوجهد جي ميدان ۾ آندو. هو پنهنجي ساه جي آخري گهڙين تائين فڪرِ رسول بخش پليجو سان ثابت قدم رهيو. سنڌ جي مظلوم ۽ پورھيت طبقي لاء جدوجھد ڪرڻ، سنڌ جي عورتن کي باشعور بڻائڻ ۾ ماما عارب ڪيڙانو جو تمام وڏو حصو رھيو آھي. ھو ايم آر ڊي تحريڪ، سنڌ جون زمينون نيلام بند ڪريو تحريڪ، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپرايو ۽ ٻين ڪيترين ئي جدوجھدن ۾ اڳڀرو رھيو.
