عورت آزادي مارچ تي شاندار ريلي ڪڍي ويندي:سنڌ سهائي سٿ

گهوٽڪي(رپورٽ: ذوهيب اياز دايو) سنڌ سهائي سٿ آرگنائيزيشن پاران عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان 8 مارچ 2023 اربع ڏينهن صبح جو ڏهين وڳي عورت آزادي مارچ جي حوالي سان مين چوڪ گهوٽڪي کان پريس ڪلب تائين شاندار ريلي ڪڍي ويندي،جنهن ۾ گهوٽڪي جون هزارين عورتون، باشعور سياسي، سماجي، ادبي ۽ عوامي پارٽيون ۽ تنظيمون ڀرپور شرڪت ڪنديون، انهي سلسلي ۾ آچر ڏينهن سگا گهوٽڪي جي آفيس ۾ هڪ مشاورتي اجلاس ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ ڊاڪٽر علي اڪبر نائچ، سگا گهوٽڪي جو صدر آغا بلاول رئوف پارس دايو، ايازلطيف دايو، سيد جمال شاهه، جسقم جو اڳواڻ نصرالله ڪلادي، ايڊووڪيٽ لعل بخش گھوٽو، سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي پريس ترجمان اياز لطيف دايو، ضلعي گهوٽڪي جو رابطا سيڪريٽري سارنگ ڪلادي، گهوٽڪي شاخ جو سيڪريٽري قاضي محبوب، ناليوارو صحافي الهورايو بوزدار، ڪامريڊ زرقا شر، روبينا دايو، ايڊووڪيٽ سچل ڀٽي، عبدالحئي ڀٽو، ڪامريڊ جمال شاهه، جي ايم لاڙڪ، عبدالحمید بلو، ماجد ميراڻي، علي منصور، ڪامريڊ بادل ملڪ، رئيس علي اڪبر دايو، محبوب گهوٽو نيڪ جسڪاڻي، ڊاڪٽر ياسين لولائي، استاد عبدالغفور سندراڻي، جاويد شر، امان الله چاچڙ، مظهر چاچڙ، شعبان اوڳاهي کان علاوه وڏي انگ ۾ عورتن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ پروگرام جي ڪاميابي جي لاءِ انتظامي ڪاميٽي، ميڊيا ڪاميٽي، فنڊ ريزنگ ڪاميٽي ۽ ٻيون ڪميٽيون ٺاهيون ويون، اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان ايازلطيف دايو کي پريس ترجمان مقرر ڪيو ويو، انهيءَ موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو چيو ته افسوس آهي ته عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون ملڪ جي وڏن شهرن ۽ وڏن هوٽلن کي ترجيح ڏينديون آهن،اهي سنڌ جي پوئتي پيل علائقن ۾ اچڻ کان ڪيٻائي رهيون هيون، جن ٻهراڙين ۽ ننڍن شهرن ۾ مظلوم عورت اذيت ۾ آهي،جتي تعليم گهٽ آهي، جتي شعور جي ڪمي آهي، انهن علائقن ۾ انهن جي ڪا دلچسپي ناهي، انهي ڪري اسان اڳ ۾ سکر ۽ ڪنڌ ڪوٽ جهڙن قبائلي علائقن ۾ عورت آزادي مارچ منعقد ڪيا سين ۽ هاڻي جاگيرداري تسلط هيٺ قائم گهوٽڪي ضلعي ۾ هي ايونٽ ڪيون پيا، هن چيو ته افسوس آهي ته عورتن کي قتل ڪندڙ ڪنهن به جوابدار کي سزا نه ملي سگهي آهي،سنڌي عورت دنيا جي مظلوم ترين عورت آهي، جيڪا پنهنجي رت جي رشتن ۽ سماج جي ٻٽي ظلم جو شڪار آهي، عوامي ورڪرز پارٽي گهوٽڪي ضلعي جي صدر ڪامريڊ بادل ملڪ چيو ته اسانجي آبادي جو اڌ حصو عورتون اونداهي دور ۾ زندگي گذاري رهيون آهن، گهوٽڪي سرداري علائقي هجڻ ڪري برباد ٿي ويو آهي ۽ عورتن جي ڪارو ڪاري جي قتل کي انهن ڪاروبار ڪري ڇڏيو آهي، هن عورت آزادي مارچ ۾ پارٽي طرفان ڀرپور شرڪت جي خاطري ڪرائي، رئوف پارس چيو ته باشعور ماڻهو سڏائيندڙ به پنهنجي عورتن جي لاءِ عملي آزادي ۾ رڪاوٽ آهن، اهو سماج جو وڏو الميو آهي ته عورت کي عورت سمجهيو ئي نه ويو آهي، ايڊووڪيٽ سچل ڀٽي چيو ته تعليم جو تناسب وڌيو آهي پر شعور جي تمام وڏي ڪاميابي آهي، سڀني سياسي پارٽين ۽ سول سوسائٽي کي گهرجي ته عورتن جي هن عالمي ڏهاڙي جي ڪاميابي جي لاءِ بنا ڪنهن تفريق جي جدوجهد ڪن، نصرالله ڪلادي چيو ته اسانکي شعور جي شروعات پنهنجي گهرن مان ڪرڻي پوندي، ايڊووڪيٽ لعل بخش گهوٽي چيو ته گهوٽڪي جي ساڃهه وندن کي گهرجي ته اٺين مارچ جي ھن تاريخي ايونٽ کي ڪامياب ڪن، اياز لطيف دايو چيو ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران عورتن جي آزادي مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪري پنهنجو فرض ادا ڪندا سين، هن چيو ته گهوٽڪي ضلعي جي اديب، شاعر ۽ ليکڪ بنا تفريق جي هن ايونٽ ۾ گڏ آهن، استاد عبدالغفور سندراڻي چيو ته اسان هر موڙ تي پنهنجي ڀينرن سان گڏ آهيون، رئيس علي اڪبر دائي چيو ته سهائي سٿ کي جس هجي جن گهوٽڪي جي چونڊ ڪري اهڙي تاريخي پروگرام جي رٿابندي ڪئي آهي، پيپلز پارٽي جا ڪارڪن به انهن سان گڏ آهن، جاويد شر چيو ته گهوٽڪي جي ڪچي وارن علائقن ۾ عورتن سان وڏو ظلم ٿي رهيو آهي،عملي جدوجهد جي وڏي ضرورت آهي، ڪامريڊ زرقا شر چيو ته وڏيرن ۽ جاگيردارن گهوٽڪي کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي، انهن جي خلاف ڪامريڊ مانڌل شر شاندار جدوجهد ڪئي ۽ اڄ اسانجي علائقي کروهي ۾ عورتن ۾ وڏو شعور پيدا ٿي چڪو آهي، انهيءَ موقعي تي گهوٽڪي، خانپور مهر، ميرپور ماٿيلو، ڏهرڪي، اٻاوڙو، پنوعاقل،ڪشمور، ڪنڌ ڪوٽ ۽ ٻين ضلعن جي لاءِ ڪاميٽيون جوڙيون ويون جيڪي سڀني سياسي، سماجي، ادبي ۽ عوامي پارٽين ۽ تنظيمن سان رابطا ڪرائي حمايت حاصل ڪنديون ۽ گڏيل جدوجهد هن تاريخي پروگرام کي ڪامياب ڪري سماج جي سڀني عورت دشمن روين سان جنگ ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں