لاڙڪاڻو: سنڌي ادبي سنگت شاخ طرفان سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي ياد ۾ آرٽس ڪائونسل طرفان ميڙاڪو ٿي گذريو

لاڙڪاڻو(رپورٽ اڪبر آزاد ھيسباڻي) سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي پاران ادب شعبي آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي جي سهڪار سان سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي ياد ۾ ڀٽائي ادبي هال آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۾ ميڙاڪو ٿي گذريو. ان موقعي تي صدارتي تقرير ڪندي گيت جي سرموڙ شاعر ماڻڪ ملاح چيو ته اسان پنهنجي تاريخ کي قبرستانن ۾ ڳولي رهيا آهيون پر دنيا جا ڏاها اسان جي ڀٽائيءَ جا شعر پڙهي انهن مان تاريخ ڳولي رهيا آهن. پر مون کي پڪ آهي ته اسان جو نئون نسل اياز کي پڙهي پنهنجي تاريخ ڳولي وٺندو. شيخ اياز سنڌ آهي ۽ سنڌ شيخ اياز آهي. اياز اسان جي دور جو سرواڻ آهي. اياز جا گيت سنڌ جا صحيفا آهن. شيخ اياز، نارائڻ شيام جو همعصر هو، نارائڻ شيام جي وڃڻ کان پوءِ شيخ اياز اسان جو ادبي مورچو سنڀاليو ۽ ان ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته اياز جو نثر سندس شاعريءَ کان به اعليٰ آهي. برجستي شاعر سائل پيرزادي خاص مهمان طور ڳالهائيندي چيو ته شيخ اياز کي ياد ڪرڻ ائين آهي ڄڻ اسين صدين جي ساڃاهه کي ياد ڪري رهيا آهيون. شيخ اياز شاعريءَ کي خلائن مان لاهي زمين تي آندو. هو مهان ڪاريگر شاعر هو هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻوليءَجو  شاندار استعمال ڪيو آهي ۽ شاعريءَ ۾ عملي طور تي حسن جا عڪس چٽيا آهن. هن چيو ته اصل ۾ اياز ئي عوامي شاعر آهي ڇو ته اياز عوام جي احساسن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سهڻي نموني چٽيو آهي. اياز مستقبل جي مستقبل جو شاعر آهي.” نوجوان شاعر ۽ محقق جهانگير ڏاهري اعزازي مهمان طور ڳالهائيندي چيو ته شيخ اياز اسان جي ازل جو تسلسل آهي. هن جي شاعريءَ ۾ سماج جا سڀئي عڪس موجود آهن. شيخ اياز لطيف جي شاعريءَ کان متاثر هو پر اياز جي شاعريءَ جا گس پنهنجا هيا. ڪهاڻيڪار، مترجم ۽ ڏاهي ننگر چنا اعزازي مهمان طور ڳالهائيندي چيو ته شيخ اياز تاريخ جو هڪ وڏو نالو آهي، شاعري رڳو هڪ دور لاءِ هجي ته پوءِ اهو ابلاغ آهي پر اياز جي شاعري هر دور جي شاعري آهي هو انساني احساسن جي سـٺي ترجماني ڪندڙ شاعر آهي. سنڌ جي تاريخ جا جيڪي ٻه وڏا شاعر ٿي گذريا آهن اهي ڀٽائي ۽ اياز آهن. آخر ۾ هن چيو ته سنڌ جو ڪوبه شاعر اياز کان وڏو نه ٿو ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته ڀٽائي ۽ اياز زندگيءَ جا شاعر آهن. ڪهاڻيڪار، ڊرامه نويس سڪندر عباسي اعزازي مهمان طور ڳالهائيندي چيو ته شيخ اياز تي ڏات جي ديوي مهربان هئي، هن تي روانيءَ سان ڏات لهندي هئي اصل ۾ ڏات فرش کان عرش تي پهچائيندي آهي هن چيو ته ماڻهو شيخ جي دعائن کي قبول نه ٿا ڪن، پر شيخ اياز جون دعائون به هڪ انقلابيءَ جون دعائون آهن. آخر ۾ هن چيو ته شيخ اياز تي رتيءَ برابر به ڪم ناهي ٿي سگهيو جيڪو ٿيڻ گهرجي ڇو ته جيڪڏهن شيخ اياز تي ادبي ڪم ٿيندو  ته اسان جو ايندڙ نسل شيخ اياز بابت ڄاڻي سگهندو. لسانيات جي ماهر ۽ بهترين شاعر ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي اعزازي مهمان طور ڳالهائيندي چيو ته شيخ اياز جي شاعري موضوعن سان ڀرپور آهي هن جو شمار ويهين صديءَ جي پهرين صف وارن شاعرن ۾ ٿئي ٿو. اياز کي اردو ٻوليءَ تي سنڌي ٻوليءَ جهڙي ئي دسترس هئي پر هن پنهنجو نظم ۽ نثر سنڌيءَ ۾ لکي سنڌي ٻوليءَ کي ترجيح ڏني. هن چيو ته شيخ اياز جي شاعريءَ واري سنڌي ٻولي، ٻوليءَ جو هڪ ڪرشمو آهي.” نامياري اديب ۽ لطيف شناس ڊاڪٽر احسان دانش چيو ته سنڌي ادبي سنگت هڪ ترقي پسند تنظيم آهي. شيخ اياز پنهنجي دور ۾ اختلافي به رهيو آهي پر شيخ اياز اختلافي ڳالهين جو ڪڏهن به سنئون سڌو جواب نه ڏنو ڇو ته شيخ اياز سمجھو ٿي ته شاعر جو جواب سندس شاعري هوندي آهي. اياز هڪ گهڻ پڙهيو شخص هو اياز جو نثر ۽ نظم  ٻئي رقص ۽ پرواز ڪن ٿا. نوجوان اديب، پبلش عيسيٰ ميمڻ چيو ته سنڌ جي سموري تاريخ هڪ طرف پر ويهين صديءَ جي تاريخ هڪ طرف آهي. ڇو ته ويهين صديءَ ۾ شيخ اياز جھڙو شاعر شاعريءَ جي آڪاس تي چنڊ جيان اڀري آيو. شيخ اياز سنڌ جو ڀاڳ هو، شيخ اياز ۽ سائين جي ايم سيد کي جيڪڏهن ويهين صديءَ مان ڪڍي ڇڏجي ته باقي ڪجھه نه بچندو. شيخ اياز سوشلسٽ، قومپرست ۽ عالمگير فڪر جو شاعر هو. جنهن کي شاعريءَ جي دنيا ۾ عالمي طور تي ڀيٽي سگهجي ٿو. سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي ضلعي جي رابطه سيڪريٽري استاد گل دايو اعزازي مهمان طور چيو ته شيخ اياز پنهنجي شاعري توڙي نثر ۾ سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي تاريخ کي قلم بند ڪري ڇڏيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں