مهراڻ يونيورسٽي ۾ يوم ڪشمير جي حوالي سان تقريب منعقد

ڄامشوروپ ر) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو پاران يوم ڪشمير جي حوالي سان مهراڻ يونيورسٽي جي سينيٽ هال ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران مظلوم ڪشميرين جي جدوجهد کي خراج پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي رجسٽرار لڇمڻ داس سوٽهڙ، مهراڻ يونيورسٽي جي ڊپٽي اسٽوڊنٽس ايڊوائيزر ڊاڪٽر شعيب شيخ، ميوٽا جي جنرل سيڪريٽري انجنيئر ارشد ميمڻ ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن خطاب ڪندي چيو ته انساني وقار صرف آزادي ۽ خودمختياري ۾ آهي. هن چيو ته جتي جتي غلامي آهي، دهشتگردي آهي، ظلم آهي ان ظلم خلاف مزاحمت فطري آهي. مقررن چيو ته ڪشميرين سان جيڪو ظلم آهي، عالمي ضمير کي ڪشميرين جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مهراڻ يونيورسٽي جي رجسٽرار لڇمڻ داس سوٽهڙ چيو ته ڪشمير پاڪستان جو اڻ ٽٽ حصو آهي، اسان جون همدرديون مظلومن سان آهن. تقريب ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں