نوابشاهه ۾ مختلف ڌرين پاران ڪشميرين سان يڪجهتي طور ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون

نوابشاهه(ڊ ر) 5 فيبروري پوري ملڪ جيان نوابشاهه ۾ به ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي طور ضلعي انتظاميه، تعليم کاتي، سياسي، سماجي ۽ مذھبي تنظيمن، شيعه علماءِ ڪائونسل نوابشاهه پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون، جڏهن ته ريلين ۾ شھرين، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪشميرين جي حمايت ۾ سخت نعريبازي ڪئي، جڏھن ته ان موقعي تي ضلعي انتظاميه ۽ تعليم کاتي شھيد بينظيرآباد پاران اسسٽنٽ ڪمشنر علي شير جمالي، قربان راھو، شيعه علماءِ ڪائونسل جي اڳواڻن زوار محمد حسين چانڊيو، مولانا ڪفايت حسين ڪريمي، سيد جعفر شاهه، نبي بخش چانڊيو، عبدالستار قريشي، دين محمد پٺاڻ، صابر قريشي، سماجي اڳواڻ عابد لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي سي اسڪول کان نواب شاهه پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، قومي امن ڪاميٽي پاران ضلعي چيئرمين رسول بخش رند ۽ وائيس چيئرمين منصور راجپوت جي اڳواڻي ۾ شيراز چوڪ پاڪستان ھائوس کان نوابشاهه پريس ڪلب تائين ھڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي، ليگل ايڊ سوسائٽي پاران ڊسٽرڪٽ آفيسر معظم علي جتوئي، ماجد علي آرائين، اياز علي ڏاھري، سليمان راھو، بابر علي چانڊيو، جڏھن ته سماجي تنظيم وطن ويلفيئر آرگنائيزيشن اعجاز علي ڪيريو، خير محمد لاکو، گلشير ڪيريو، مختيار علي، سيد دانش شاهه، طفيل احمد مستوئي، ساجد علي تنيو ۽ ٻين اڳواڻي ۾ ڊي سي اسڪول کان نواب شاهه پريس تائين ريلي ڪڍي وئي، آل ھيوومن رائٽس سپورٽرس سوسائٽي نواب شاهه پاران ميڊيم فرزانا، ميڊم صفيه، رحمت، مريم، روبينا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي نواب شاهه پريس ڪلب پھتون، جماعت اسلامي ضلع نواب شاهه پاران محمد حسين محنتي، سرور احمد قريشي، ظفر اقبال، عبدالباسط ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ترازو چوڪ گول چڪري کان نواب شاهه پريس ڪلب تائين ھڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، پاڪستان پيپلزپارٽي يوٿ ونگ پاران اختر حسين رند، غلام رسول شاهه، شيراز بلوچ، اتفاق لھڙي، سيد منصور شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شيراز چوڪ کان نواب شاهه پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، تحريڪ لبيڪ پاڪستان پاران نعيم ملڪ، عبدالشڪور رضوي، اشفاق رضوي، احسن علي خاصخيلي، شاھد علي، ايڊووڪيٽ سعيد رنڌاوا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تاج ڪالوني ڦاڪ کان ريلي ڪڍي نواب شاهه پريس ڪلب پھتا، جڏهن ته ان موقعي تي ريلين کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي ۽ ھڪ ڏينھن ڪمشير پاڪستان ھوندو، ھنن چيو ته مودي سرڪار ڪشميري ڀائرن سان ظلم جو سڀ حدون اورانگهي ڇڏيو آھن، ليڪن اسان مودي سرڪار کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ڪشميري ڀائر اڪيلا نه آهن، پاڪستان جي عوام انھن سان گڏ بيٺل آھي، ڪشميري ڀائرن جي جدوجهد رائيگان نه ويندي، انشالله ڪشميري پنهنجي پر امن جدوجهد سان آزادي حاصل ڪندا ۽ ڪشمير هڪ ڏينهن ضرور پاڪستان بڻجندو، ھنن چيو ته پاڪستاني قوم ۽ پاڪ فوج هر وقت ڪشميرين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل آهي ڪشمير جي آزاديءَ تائين جنگ جاري رهندي، ھنن چيو ته اسان پنھنجي ڪشميري ڀائرن ھن مشڪل وقت ۾ گڏ آھيون ۽ گڏ بيٺل آھيون، انشاءالله ھڪ ڏينھن ڪشمير پاڪستان بڻجندو، ھنن چيو ته اسان اڄ مودي کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته تون جيترو به ظلم ڪر ڪشميرين تي ليڪن فتح ھڪ ڏينھن حق جي ٿيندي ۽ ڪشمير پاڪستان ٿيندو، ھنن اقوام متحده کان مطالبو ڪيو ته مودي حڪومت پاران ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم جلد کان جلد بند ڪرايو وڃي ۽ قرارداد تي عمل ڪرائي ڪشميرين کي آزادي ڏني وڃي، اسان مودي کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پاڪستاني عوام پنھنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں