نوشهرو فيروز ۾ ساس پاران ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي

نوشهروفيروز(ڊ ر)سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سڏ تي شاخ نوشهروفيروز پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا ريلي انصاف چوڪ کان پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي . ريلي ۾ شامل اديبن, دانشورن, شاعرن ۽ ساڃاهه وندن کان سواءِ معصوم ٻارڙن سميت هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي جيڪي سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ لاءِ نعري بازي ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي آڊيٽرمظهرخاصخيلي, ضلعي رابطا سيڪريٽري سڪندرجروار, زاهدراڄپر, ماه نور،غلام مرتضيٰ تڳر، ارباب ملاح , فقيرميهربيهڻ ۽ ٻين چيو ته سنڌي ٻولي دنيا جي قديم ٻولي آهي پر پنهنجي ئي ڌرتي تي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو حاصل ناهي. هنن چيو ته انگريزن جي وقت ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو مليل هو ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هڪ وڏي عرصي کان ملڪ ۾ مادري ٻولين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي وڏن ۽ اڪثر شهرن ۾ سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ لازمي سنڌي ٻولي پڙهائي ئي نٿي وڃي نه وري سرڪاري توڙي خانگي دفترن ۾ عملي طور انکي رائج ڪيو ٿو وڃي, حڪومتي سطح تي اهڙن اسڪولن ۽ ادارن خلاف اعلانن باوجود ڪا به ڪارروائي نٿي ٿئي. سنڌي ادبي سنگت ڪيترن ئي سالن کان مسلسل اهڙي جاڳرتا واري مهم هلائي رهي آهي پر حڪمرانن جي ڪن تي جونء به نٿي چري نه ئي ضمير چۡهنڊڙيون ٿو هڻي. هنن چيو ته سنڌي ٻوليءَ سميت پنجابي، بلوچي ۽ پشتو ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي ۽ مادري ٻولين جي ترقي ۽ ترويج لاءِ تڪڙا قدم کڻي مادري ٻولين ۽ انهن سان سلهاڙيل قومن سان ماٽيلي ماءۡ وارو سۡلوڪ ختم ڪيو وڃي .هنن چيو ته احتجاجي مظاهرن, ريلين, مذاڪرن, ورڪشاپن, ٻولي ڪانفرنسن, ٻولي جي خدمت ڪندڙ شخصيتن کي ڀيٽا ڏيڻ جو سلسلو21 فيبروري تائين جاري رهندو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں