پنوعاقل(ن س)مسلم اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن پنوعاقل پاران 5 فيبروري تي ڪشميري جي مظلوم مسلمان ڀائرن سان اظهار يڪجهتي جي لاءِ عزم آزادي ڪشميري ريلي ڪڍي وئي، جيڪا پنو عاقل اسٽيڊيم کان ٿيندي پريس ڪلب پنو عاقل تي ختم ٿي، ان موقعي تي عبدالباعث انڍڙ، شڪيل جسڪاڻي، مسعود هاليجوي، علي گل حسيني، جواد انصاري، لالا. احمد پٺاڻ، حسن عقيل مغل سجاد قاضي، ڪامران ڊيهو، حسن ملڪ ۽ ٻين چيو ته ايم ايس او پاڪستان مظلوم ڪشميرين تي ظلم ڪڏهن به برداشت نه ڪندي هن وڌيڪ چيو ته آرٽيڪل 370 تحت ڀارت ڪشمير جي حيثيت کي بگاڙي ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي لالچ به ڏيکاري آهي، هر پاڪستاني انڊيا جي ظلم خلاف هر سطح تي آواز اٿاريندو رهندو. دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي ضامن سلامتي ڪائونسل به پنهنجي قراردادن تي عمل نه ڪري سگهي آهي. ڀارت هڪ لک کان وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد ڪري چڪو آهي، والاريل ڪشمير ۾ اڄ به اجتماعي قبرون آهن، ڀارت ظلم جا داستان پردي پويان لڪائيندو آهي. ۽ جڏهن به پاڪ فوج طرفان حڪم ٿيو سر سان ڪفن ٻڌي ايم ايس او جا نوجوان ڪشميرين جو دفاع ڪندا.
