گهوٽڪي(ڊ ر) سنڌي ادبي سنگت ضلعي گهوٽڪي جي سڀني شاخن گهوٽڪي، ماٿيلو مومل جي ماڙي، سرحد، بخارا ٻيرڙي ۽ جروار پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ سگا آفيس وٽان ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي قيادت سنڌ سهائي سٿ آرگنائيزيشن جي ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو، ڊاڪٽر علي اڪبر نائچ، ڪامريڊ زرقا شر، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي پريس ترجمان اياز لطيف دايو،ضلعي رابطا سيڪريٽري سارنگ ڪلادي،گهوٽڪي شاخ جي سيڪريٽري قاضي محبوب، آغا بلاول پٺاڻ،رئوف پارس دايو،عبدالحئي ڀٽو،نصرالله ڪلادي، بادل ملڪ، جاويد شر،روبينا دايو، جاويد شر ۽ ٻين ڪئي، انهيءَ موقعي تي سنگت جي مرڪزي پريس ترجمان اياز لطيف ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران پهرين فيبروري کان ايڪويهين فيبروري تائين سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم شروع ڪئي وئي آهي، اسان سموري سنڌ جا ساڃهه وند حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته فوري طور تي سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي،سنگت جي ضلعي رابطا سيڪريٽري سارنگ ڪلادي،گهوٽڪي شاخ جي سيڪريٽري قاضي محبوب،عبدالحئي ڀٽي ۽ ٻين چيو ته اسان پنج هزار سالن جي شاندار تهذيب جا وارث آهيون پر افسوس جي ڳالهه آهي ته اسانجي شاندار ورثي کي تسليم نٿو ڪيو وڃي، اسانجي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو نٿو ڏنو وڃي، تنهنڪري سنڌي ادبي سنگت پنهنجي ڌرتي ۽ ٻوليءَ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو چيو ته هن قومي جدوجهد ۾ سنڌ جون باشعور ڀينرون هر موڙ تي گڏ آهن، رئوف پارس دايو ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ادبي سنگت جا ڪارڪن قومي ٻولي جي لاءِ هر مورچي تي جاکوڙيندا.
