ملير(ڊ.ر) اسٽيل ٽائون پوليس پاران گلشن حديد ويجهو لنڪ روڊ ٽول پلازه ويجهو ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي جوابدارن پاران وڏي انگ ۾ هٿيار زمين ۾ پورڻ جي ڪوشش دوران پهچي وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون خالد عباسي صحافين کي ٻڌايو ته مخبر جي اطلاع تي پوليس لنڪ روڊ نئين ٽول پلازه ويجهو پهتي جتي جوابدارن پاران زمين ۾ هٿيار دفن ڪيا پئي ويا پوليس جي پهچڻ تي چار جوابدار فرار ٿي ويا جڏهن ته پوليس پنجن ٻورن ۾ بند ڪيل هٿيار هٿ ڪري ورتا، جن کي کولڻ ته 64 شارٽ گن، 14 پسٽل، هڪ وائرليس سيٽ ۽ هڪ ڊڪٽيڪٽر هٿ ڪري ورتا، ايس ايڇ او موجب نامعلوم چئن جوابدارن خلاف اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، هن چيو ته هٿيارن جو استعمال شهر ۾ دهشتگردي ڪرڻ جو خدشو هو، اسلحو هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي فرار جوابدارن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون، وڌيڪ جاچ جاري آهي گرفتاري جلد عمل ۾ آندي ويندي
