اٺون حيدرآباد لٽريچر فيسٽول اڄ کان شروع،تياريون مڪمل

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)اٺون حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول اڄ 25 ۽ سڀاڻي 26 فيبروري 2023 تي سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ۾ ٿي رهيو آهي ان موقعي تي اوپننگ پريس ڪانفرنس ڪندي حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول جي چيف آرگنائيزر اظهار سومرو، ايس آر پي او جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر زاهدا ڏيٿو، سٽڪو جي ڊائريڪٽر منور ابڙو، رضوان عباسي، همايون شيخ، عرفان عالماڻي چيو ته سڀاڻي کان فيسٽيول شروع ٿي رهيو آهي جنهن سلسلي ۾ اڄ اسين اوهان سان هن پريس ڪانفرنس ذريعي مخاطب آهيون ت  اٺين حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ سنڌ رورل پارٽنرس آرگنائيزيشن اسان جي پارٽنر آرگنائيزيشن آهي جڏهن ته تصويرن جي نمائش لاء سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين سهڪار ڪيو آهي ان کانسواءِ هاٽ ايف ايم 105 اسان جي ريڊيو تي ميڊيا پارٽنر آهي. جڏهن ته انڊيجينيس ڪرافٽ ڪمپني سٽڪو طرفان هنرمند بازار پڻ لڳائي وئي آهي. ٻن ڏينهن واري هن حيدرآباد ادبي ميلي (HLF 8) جو افتتاح سنڌ جو تعليم ۽ ثقافت وارو صوبائي وزير سيد سردار شاھ ڇنڇر ڏينهن منجهند جو 2:30 اڍائي لڳي ڪندا. افتتاحي تقريب ۾ ناليواريون شخصيتون ڊاڪٽر اسحاق سميجو، مدد علي سنڌي، زاهدا حنا، مھتاب اڪبر راشدي ،شمس الحق ميمڻ ۽ منور مهيسر پڻ خطاب ڪندا. فيسٽيول جي ٻن ڏينهن دوران مجموعي طور تي 34 سيشن ٿيندا جن ۾ مختلف موضوعن تي ناليوارا اسڪالر ڳالھ ٻولهه ڪندا سيشنز ۾ شريڪ اهم شخصيتن ۾ زاهدا حنا، نور احمد جهنجهي، ڊاڪٽر امبرين حسيب، پروفيسر ڊاڪٽر منان محمد آصف، انعام شيخ، ظفر جوڻيجو، ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، عاجز رحمت الله، ابوبڪر شيخ، شبينه فراز، گل محمد عمراڻي، ممتاز بخاري، ثمينه نظير، اياز لطيف پليجو، ڊاڪٽر سحر امداد، سيد وجدان علي شاھ، تاج جويو، حاجي ساند، اختر درگاھي، مختيار ملڪ، سعيد منگي، عطيه دائود، ذوالفقار قادري، ڊاڪٽر ڪوثر عطيه، امر سنڌو، راحيلا بقائي، شمع عسڪري، نصير گوپانگ، رئوف چانڊيو، ڊاڪٽر شهنيلا زرداري، ڊاڪٽر اظهر علي شاھ، ڊاڪٽر عارفه ڀٽو، جاويد احمد سولنگي، ادل سومرو، نياز پنهنور، ناصر پنهنور، زيشان شاھ، محمود عالم خالد، ڊاڪٽر ڪنول ناظم، وسعت الله خان، ناز سهتو، شهاب اوستو، ڊاڪٽر آڪاش انصاري، افضال احمد سيد، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، عزيز گوپانگ، احمد سولنگي، ناصرا زبيري، ڊاڪٽر شاهنواز دل، ناجيه اشر، امبر رحيم شمسي، شيرين اسد، ليلا نثار، سسئي پليجو، سيد منير شاھ زاڪري، مفتاح اسماعيل، قيصر بنگالي، شبير نظاماڻي، ڊاڪٽر ڪليم لاشاري، اشتياق انصاري، ڊاڪٽر شير مهراڻي، رضوان گل، شبنم گل، ۽ ٻيا مختلف سيشنز ۾ ڳالھ ٻوله ڪندا فيسٽيول جو     مکيه موضوع آهي، Flood Fault Lines ٻوڏ ،سبب ۽ اڳتي قدم جي عنوان هيٺ هوندو جنهن سلسلي ۾ مختلف سيشن رکيا ويا آهن جن ۾ ناليوارا ماهر شفقت وڌو، عمر ڪريم، عزيز رانجهاڻي، عافيه سلام، ڊاڪٽر الطاف سيال، ڊاڪٽر انعام ڀٽي، نثار کوکر، محمد حسين خان، ذوالفقار هاليپوٽو، قيصر بنگالي، جميل احمد خان، نسيم اختر جلباڻي، محسن ٻٻر، ۽ ٻيا تفصيلي ڳالھ ٻوله ڪندا، جڏهن ته ايس آر پي او طرفان ٻوڏ سٽيل هنرمندن جو اسٽال به لڳايو ويندو ۽ پروگرام دوران ٻوڏ سٽيلن جي سهائتا لاء چندو پڻ گڏ ڪيو ويندو جيڪو متاثرن جي سهائتا تي خرچ ڪيو ويندو. ميلي ۾ ڇھ اهم ڪتابن جو مهورت ٿيندو جڏهن ته هڪ ٿيٽر درس جي نالي سان پيش ڪيو ويندو ۽ ان کانسواء نوجوانن لاء صحافتي ورڪشاپ پڻ ڪوٺايو ويندو جنهن لاء جي اين ايم آئي سهڪار ڪيو آهي. ان کانسواءِ ناليواري محقق پروين ٽالپر جي موهن جو دڙي جي باري ۾ اهم ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري ويندي ان کانسواء “عشق خسرو” جي موضوع تي رقص ۽ موسيقي تي ٻڌل پروگرام پڻ ڪوٺايو ويندو آچر جي رات سنڌي توڙي اردو ٻولين ۾ مشاعرو پڻ ڪوٺايو ويندو جنهن جي صدارت ناليوارا شاعر ڪندا ميلي جي دوران انسٽيٽيوٽ آف آرٽس اينڊ ڊزائين جي پاران تصويرن جي نمائش ۾ 8 باصلاحيت نوجوانن جون تصويرون نمائش لاء پيش ڪيون وينديون. ان دوران ناليوارو آرٽسٽ حمير سومرو پڻ ڳالھ ٻولھ ڪندو جڏهن ته ڇنڇر جي رات موسيقي جي محفل ۾ ناليوارا فنڪار ديبا سحر، عباس فقير، آصف سيال، اختر درگاھي، رجب ۽ سلامت فقير، سگهڙ ساند، بهادر ابڙو ۽ ٻيا پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا جڏهن ته آچر واري رات موسيقي جي محفل انڊس ويلي اسڪواڊ، ماسٽر ولي، وقار ملاح ،ريشما پروين، ۽ رجب فقير پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هن ميلي ۾ خاص طور تي نوجوانن کي همٿائڻ لاء آچر جي صبح جو ساڍي ڏهين وڳي کان چئين وڳي تائين مختلف موضوعن تي اهم ۽ معلوماتي سرگرميون رکيون ويون آهن جن ۾ شرڪت لاء حيدرآباد ۽ ڀرپاسي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن کي خاص طور تي دعوت ڏني وئي آهي. هن فيسٽيول لاء ثقافت ۽ سياحت واري کاتي، سنڌ انفارميشن کاتي، انڊوومينٽ فنڊ ٽرسٽ، گيٽز فارما، لائيو اسٽاڪ کاتي حيدرآباد ريجن جو سهڪار شامل آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں