اسلام آباد ( بيورو ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف سُپريم ڪورٽ جي جَجَن بابت چيو آهي ته جڏهن هو ڪُرسين ويهي اسان جون حدون اورانگهيندا ته آواز اُٿارڻ اسان جو به حق آهي هُنن پنهنجن عهدن جون گهرجون پوريون ناهن ڪيون. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته هڪ شڪايت رهندي آهي ته پارليامينٽيرينز ججن جا نالا وٺي تنقيد ڪندا رهندا آهن هو پڇڻ چاهي ٿو ته ڪجهه ججن تي تنقيد ڪئي ويندي آهي ته ڪجهه ججن تي ڇو نه ڪئي ويندي آهي؟. سندس چوڻ هو ته جڏهن جج سندن حدن ۾ داخل ٿيندا ته هو به سوال اٿاريندا؟، ثاقب نثار ۽ کوسا تي تنقيد آهي ته پوءِ ناصرالملڪ تي ڇو نه؟، اهو سوال عدليا لاءِ آهي ته آخر ائين ڇو آهي؟. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته هڪ سوال اهو به اٿاريو ويو آهي ته ٻن صوبائي اسيمبلين کي ٽوڙڻ جو فيصلو درست ٿيو آهي يا نه؟، آئين کي ٻيهر لکڻ عدليا جو ڪم ناهي، جنهن طريقي سان آرٽيڪل 63 کي ٻيهر لکيو ويو آهي، اهي ان جا اثر آهن. هن چيو ته نواز شريف جي حڪومت ختم ڪري زيادتي ڪئي وئي، کيس تاحيات نااهل ڪيو ويو، ججن جا رمارڪس موجود آهن ته نواز شريف جي ڪيس ۾ حدون پار ڪيون ويون آهن. سندس چوڻ هو ته شاهه محمود قريشي چئي چڪو آهي ته نواز شريف سان زيادتي ڪئي وئي فل ڪورٽ قائم ڪري پاناما ڪيس کان وٺي سمورن ڪيسن تي نظرثاني ڪئي وڃي جهڙي طرح ن ليگ پنجاب ۾ حڪومت ختم ڪئي وئي اهو به رڪارڊ تي موجود آهي. بچاءَ واري وزير چيو ته پنجاب ۾ مسلم ليگ نون جي حڪومت جي خاتمي بابت به سپريم ڪورٽ ۾ به سوال اٿاريا ويا عدالت ۽ ججن تي وڏو سواليا نشان لڳي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي ته ڪنهن شخص کي عدالت ۾ گهرائي ٿي ۽ هو نٿو اچي، عدالت پيار سان چئي ٿي ته اچو ۽ پوءِ به نه ٿو اچي، اسان جي معاملي ۾ ائين نه ٿو ٿئي پر وارنٽ جاري ٿين ٿا. خواجا آصف چيو ته سندن پگهار هڪ لک 68 هزار آهي، ڪروڙين رپيا ناهيون وٺندا، ڪيترائي ايم اين اي پارليامينٽ لاجز مان پنڌ پارليامينٽ اچن ٿا. هن چيوته اسان جي مٿي تي ڪنهن هٿ ناهي رکيو، نه ڪنهن لاءِ فيصلا لکيل هوندا آهن، هن مُلڪ ۾ سڀ کان پهريون آئيني حادثو جَجَ ڪيو هو جنهن نظريه ضرورت کي درست قرار ڏنو هو، سڀ کان پهريان سياسي شهادت به عدليا ڀٽي کي ڦاهي ڏئي ۽ نواز شريف جي آئيني شهادت به عدليا ڪئي. هن چيو ته سياستدانن ۾ اڄ به اهڙيون شخصيتون موجود آهن جن جا نالا تاريخ ۾ احترام سان ورتا ويندا 75 ورهين ۾ ڪهڙي طبقي جو احتساب ٿيو آهي. بچاءَ واري وزير چيو ته نور عالم خان پي اي سي جو چيئرمين آهي، هن وقت تائين ڪنهن ڪنهن کي گرفتار ڪيو آهي؟، شاهه محمود قريشي ڪالهه گرفتار ٿيو آهي ۽ اڄ روئي رهيو آهي، سندن 90، 90 ڏينهن جو رمانڊ ورتو ويندو هو. هن چيوته مُلڪ سياسي جدوجهد جي نتيجي ۾ قائم ٿيو هو، پاڪستان ٺاهڻ وارا عمران خان وانگر اسپانسرڊ ماڻهو نه هئا، جيل ڀريو تحريڪ هاڻي ناڪام ٿي چڪي آهي، هاڻي ٻڏي مرو تحريڪ شروع ڪريو. هن چيو ته مريم جي ڌيءَ کي جيل موڪليو ويو، اسان جي بنيادن ۾ سياسي ڪارڪنن جو رت آهي، هن وقت سڀني جون نظرون سپريم ڪورٽ تي آهن. عمران خان پهريان چيو ته ته آمريڪا سازش ڪئي، هاڻي چوي ٿو ته آمريڪا نه، جنرل باجوا سازش ڪئي، جنرل باجوا نواز شريف کي جيل ۾ وڌو هو، اچو ته عمران خان جي اڃا تائين ڪا ميڊيڪل رپورٽ آئي آهي؟. خواجا آصف چيو ته نور عالم خان اسلام آباد ڪلب جو آڊٽ ڪرائڻ چاهي پيو پر اجازت نه ڏني وئي، وڪيلن به گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، ماضي ۾ به عدليا جي بحالي لاءِ اتحادي حڪومت ڇڏڻي هئي، منهنجي گهر تي ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ هڪ جج به ملوث هو، عدليا آرٽيڪل 63 کي ٻيهر نه لکندي، خدا جي مرضي ته رياست کي نقصان نه پهچندي، هڪ شخص آءِ ايم ايف سان ڊيل ڪري ٿو ۽ ڦري ٿو. اسان عوام تي بار نه ٿا وجهون پر جن 4 سال حڪومت ڪئي ان جا نتيجا ڀوڳي رهيا آهيون، اسان گذريل حڪومت جي گند کي صاف ڪري رهيا آهيون. نقصان ٿي رهيا آهن، ڇا اسان پنهنجو پاڻ کي احتساب ڪنداسين ته ڪهڙن ماڻهن انهن کي آباد ڪيو؟، ماڻهن جي زندگين، هالن، فورسز کي خطرو آهي، ڪنهن کي احساس آهي؟ . خواجا آصف چيوته جنرل فيض ۽ جنرل باجوا هن ايوان ۾ اسان کي ٻڌايو ته طالبان شريف ٿي ويا آهن، هاڻي هو واپس اچي رهيا آهن، پرامن ٿي ويا آهن، اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿي وئي پر ڪهڙو نتيجو نڪتو؟ کانئن ڪير پڇڻ وارو آهي؟ سندس چوڻ هو ته دهشتگردي سبب اسان 86 هزار جانيون ڏنيون ۽ هڪ ٻن ماڻهن انهن سان ٺاهه ڪري ڇڏيو. هن چيو ته افغانستان ۾ طلبان قيادت سان ملاقات ٿي، انهن سٺي موٽ ڏني، الله ڪري اِهو سلسلو جاري رهي. خواجا آصف چيو ته ڇا اسان پنهنجو احتساب ڪنداسين؟ ته ڪهڙن ماڻهن کين هتي آڻي ٽڪايو، ڪهڙن ماڻهن انهن سان ڳالهيون ڪيون ۽ ڪابل جي سرينا هوٽل ۾ چانهه جي چُسڪي تي چيو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. هن چيوته پشاور، ڪراچي، ڪوئيٽا رتوڇاڻ جاري آهي ان تي قوم حساب گهري ٿي، ڇا ڪنهن کي احساس آهي ؟ .
