دادو(رپورٽ:علي گوھر سومرو) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان مرڪزي صدر سيد زين شاھ جي اڳواڻي ۾ بيروزگاري بدحاليءَ، مھانگائي، ڪرپشن،بدامني خلاف سکر کان نڪتل سنڌ پيادل مارچ رات مخدوم بلاول جي مزار تان حاضري بعد اڄ وک وک تي ماڻهن پاران ڀرپور استقبال سان دادو پهتو؛ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي مرڪز پاران ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ جي اڳواڻي ۾ سکر کان نڪتل سنڌ پيادل مارچ دادو ۾ پهچڻ تي ايس يو پي، سميت قومي درد رکندڙ ڌرين پاران مارچ جي وک وک تي ڀرپور آجيان گلن جي ورکا ڪئي وئي ان موقعي تي سنڌ پيادل مارچ کي خطاب ڪندي سيد زين شاھ چيو ته سنڌ جي جاگرافي خطري هيٺ آهي سنڌ صوبو قدرتي طور تي وسيلن سان مالا مال آهي، پ پ پ سنڌ جي وحدانيت کي نقصان پهچائڻ ۾ رُڌل آهي جنهن جي اسين سخت مزاحمت ڪنداسين هي سنڌ پيادل مارچ جيڪو سنڌ جي تاريخي شهر سکر کان نڪتل آهي جيڪو ڪراچي هر حال ۾ لکين سنڌي ماروئڙن سان گڏ پهچندو، دنيا جي تهذيب سنڌ کان شروع ٿي آهي پيپلزپارٽي وارن سنڌ جي ماڻهن کي سواءِ بک بدحاليءَ کان ٻيو ڪجهه ناهي ڏنو سنڌي ماڻهن اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي ائين سنڌي ماڻهن سان ٻه اکيائي آخر ڪيستائين جاري رهندي،ضلعي دادو ۾ پ پ پ جي حڪمراني هوندي به مختلف علائقن مان برساتي پاڻي به مڪمل طور تي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي ۽ تعلقي دادو سميت ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ ڪري ماروئڙا پريشان آهن جيڪا پيپلزپارٽي جي ڪارڪردگي جو واضح ثبوت آهي، اسين سنڌ ڌرتيءَ جي حقن لاءِ سکر کان ڪراچي تائين پيادل مارچ ڪري رهيا آهيون جتي هر وستي واهڻ ۾ سنڌ جا حلالي پٽ ڀرپور نموني سان هن مارچ جو استقبال ڪري رهيا آهن، اسين مختلف سياسي، سماجي توڙي مختلف تنظيمن سان لاڳاپيل قومي ڪارڪنن جا نهايت شڪر گذار آهيون جن اسان جي هن مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي آهي، جڏهن ته سنڌ پيادل مارچ کي ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو جگديش آهوجا ۽ ٻيا مرڪزي اڳواڻ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عاشق علي زنئور پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي دادو پريس ڪلب اڳيان عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪيو، جڏھن ته دادو ۾ عوامي ميڙاڪو جيڪو جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقه دادو جي صدر سجاد پنهور نائب صدر نادر ڪنڀر منٺار ٻٻر احسان خاصخيلي بابر سهاڳ ضلع ڊپٽي سيڪريٽري امتياز عمراڻي انفارميشن سيڪريٽري قاضي زاهد جي اڳواڻي ۾ ٿي گذريو سنڌ پيادل مارچ جو قافلو پنھنجي منزل طرف جاري رهيو
