روهڙي لڳ نيشنل ھاء وي تي ٽرالر کي اوچتو باھ لڳي وئي، ٽرالر ۽ لکين روپين جو قيمتي سامان سڙي خاڪ

روھڙي(ن س) ڪراچي کان لاهور ويندڙ پوراڻي ڪپڙن ۽ ٻئي قيمتي سامان سان ڀريل ٽرالر روهڙي ٽول پلازه لڳ غلام بند وٽ اوچتو باھ لڳي وئي،باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ ٽرالر ۾ ڀريل پراڻان ڪپڙا ۽ ٻيو قيمتي سامان مڪمل طور تي سڙي رک ٿي ويو، فائر برگيڊ کي اطلاع ڏيڻ باوجود دير سان پهچڻ سبب ٽرالر ۽ ٽرالر ۾ بچل سامان بي سڙي رک ٿي ويو، ٽرالر کي باھ لڳڻ سبب سنڌ ۽ پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏين جي ٽريفڪ مڪمل طور تي بند ٿي وئي، جنهن سبب ٻنهي طرفن کان گاڏيون ميلن تائين قطارن جي صورت ۾ بيهجي ويون

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں