ستين آدم ڳڻپ 2023 بابت ڪجهه خدشا ۽ تجويزون

فضل الله قريشي ۽ نصير ميمڻ

  1. آدم ڳڻپ جو مدو:
    پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 5 سالن کانپوءِ آدم ڳڻپ ٿي رهي آهي. عام طور پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾آدم ڳڻپ هر 10 سالن کان پوءِ ٿيندي آهي. هن ڀيري هڪ ڌر پاران سياسي بنيادن تي ڪيل اعتراض ۽ سندن سياسي دٻاءُ سبب وقت کان پهرئين آدم ڳڻپ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسان کي خبر آهي ته شروع ۾ پاڪستان جي شماريات واري اداري ۽ آدم ڳڻپ ڪندڙ تنظيم پاران ان اعتراض جي حمايت نه ڪئي وئي هئي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هڪ ڀيرو اهڙو مثال قائم ٿيو ته ٻي ڀيري ڪا ٻي ڌر ڪو اعتراض اٿاري آدم ڳڻپ جي نتيجن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ته ڇا هر ڀيري ڏهن سالن واري مقرر مدي کان اڳ نئين آدم ڳڻپ ڪرائي ويندي؟ آدم ڳڻپ جهڙي عمل ۾ وڏي پئماني تي مالي ۽ انساني وسيلا ڪتب ايندا آهن. تنهنڪري ان عمل لاءِڪنهن خاص ڌر جي مطالبن جيبنياد تي فيصلا ڪرڻ بدران بنيادي اصولن تي عمل ڪرڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ قومي سطح تي اهڙي سنجيده ۽ مهانگي عمل بابت هڪ غلط مثال قائم ٿيندو، تنهنڪري حڪومت کي وقت کان اڳ آدم ڳڻپ ڪرائڻ واريپنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.
  2. آدم ڳڻپ جو طريقو:
    اوهان کي ياد هوندو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ تاج حيدر پنهنجي ڪتاب ”2017 جي آدم ڳڻپ ۽ سنڌ جو ڪيس “ ۾Defacto (جيڪو جتي موجود آهي اتي ڳڻيو وڃي) واري طريقي تي زور ڏنو هو، جڏهن ته 2021ع ۾ آدم ڳڻپ بابت صلاحڪاري ڪميٽيDejure سسٽم ( جيڪو جتان جو آهي اتي ڳڻيو وڃي) تحت آدم ڳڻپ ڪرائڻ جي سفارش ڪئي هئي. Defactoسسٽمتحت آدم ڳڻپ ڪرائڻ لاءِ ضروري هوندو آهي ته اهو عمل ڪرفيو لڳائي يا ان کانسوا ءِ، پر هڪ ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ گھرجي. . Dejureطريقي سان آدم ڳڻپ ڪرائڻ سان غيرقانوني طور آيل پرڏيهين، ۽ ڪم جي ڳولها لاءِ آيل ملڪ جي ٻين صوبن ۽ علائقن مان آيل غير مقامي ماڻهن کي سنڌ جي آبادي جو حصو ڳڻيو ويندو ۽ ان سان مقامي سنڌي آبادي جو تناسب ٻين غير مقامي آبادي جي مقابلي ۾ گهٽجي ويندو. اهوسنڌ جو هڪ ٻرندڙ مسئلو آهي ڇاڪاڻ ته مسلسل ڌاري آبادي جي يلغارن سبب اصلوڪي سنڌي آبادي پنهنجي ئي ڌرتي تي عددي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جي خوف ۾ مبتلا رهي ٿي. اصلوڪي سنڌي آباديءَ جي تناسب ۾ ڦير ڦار آدم ڳڻپ جي نتيجن کي پڻ تڪراري بڻائي سگهي ٿي. اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته 2017 جي آدم ڳڻپ ۾ به سنڌي ڳالهائيندڙ آبادي جو تناسب پنهنجي ئي صوبي ۾ رڳو 61 سيڪڙو ڏيکاريو ويو آهي.جيڪا ڳالهه سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن لاءِ انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي.
    ياد رهي ته 1991ع، 2011ع ۽ 2017ع ۾ ڪرايل آدم ڳڻپ ۾ سنڌ جي انگن اکرن بابت تڪرار (وڌيڪ ڳڻپ يا گهٽ ڳڻپ) سبب نتيجا قبول نه ڪيا ويا هئا.ِDefectoڳڻپ جي صورت ۾ جيڪڏهن ڪمپيوٽرائيزڊ قومي شناختي ڪارڊ لازمي قرار نه ڏنو ويو ته ڪا ڌر يا ڪو گروه پنهنجن مفادن لاءِ انگن اکرن ۾ وڌاءُ ڪري سگهي ٿو جنهن سان آدم ڳڻپ وارو سمورو عمل تڪراري بنجڻ جو خطري آهي.
    ان سان گڏوگڏ قانوني توڙي غير قانوني طور آيل پرڏيهين، ۽ ملڪ جي اترين علائقن کان سنڌ ۾ آيل شهرين کي اهڙي نموني سان الڳ الڳ ڳڻيو وڃي جو جڏهن آدم ڳڻپ جو سمورو عمل مڪمل ٿي وڃي ۽ سمورا انگ اکر سامهون اچي وڃن ته انهن ماڻهن جي قانوني حيثيت ۽ حقن جو فيصلو ڪري سگهجي.
  3. فوج جي غير موجودگي:
    1981ع جي آدم ڳڻپ کان پوءِ 1991ع ۽ 1994ع ۾ آدم ڳڻپ ڪرائڻ جون ٻه ڪوششون ناڪام ٿي ويون، جنهن جو بنيادي سبب اهو هيو ته ان عمل ۾ پاڪ فوج جي مدد نه ملي سگهي بعد ۾ 1998 ۾ آدم ڳڻپ لاءِ فوج جون خدمتون حاصل ڪيون ويون جنهن جي نتيجي ۾ اهو عمل مڪمل ٿي سگهيو . 1998ع کان پوءِ 2011ع ۾ آدم ڳڻپ ڪرائڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي وئي پر فوج جي غير موجودگي جي ڪري انگن اکرن ۾ حد درجي جو وڌاءُ سامهون آيو ۽ ان آدم ڳڻپ جو پهريون مرحلو يعني گھرن جي ڳڻپ وارو عمل ئي تڪراري بڻجي ويو. نتيجي طور ٻيو مرحلو يعني انسانن جي ڳڻپ وارو عمل 2017 تائين ملتوي ڪيو ويو ۽ صرف 200,000 سپاهين جي مدد سان ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو. دهشتگردي ۽ امن امان جي صورتحال اهڙي ئي آهي جهڙي 5-6 سال اڳ هئي. تنهنڪري جي 2017 ۾ آدم ڳڻپ لاءِ فوج جون خدمتون حاصل ٿي سگهيون هيون ته هينئر به ملڻ گهرجن، هونئن به چونڊن جي مقصد لاءِ به ته فوج جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون آهن، ته پوءِ مٿين تجربن کي نظر ۾ رکندي ۽ آدم ڳڻپ کي تڪراري بنجڻ کان روڪڻ لاءِ فوج جون خدمتون يقيني بنايون وڃن ٻي صورت ۾ فوج جي مدد کان سواءِ آدم ڳڻپ ڪرائڻ انتهائي خطرناڪ ۽ غير يقيني وارو عمل هوندو ۽ ان جا نتيجا به لاڳاپيل ڌرين لاءِ قابل قبول نه هوندا.
  4. ڪمپيوٽرائيزڊ قومي شناختي ڪارڊ جو استعمال:
    2017 جيآدم ڳڻپ ۾ ڳڻائڻ لاءِ گهراڻي جي سربراه وٽ ڪمپيوٽرائيزڊ قومي شناختي ڪارڊ لازمي گهربل هو. هن ڀيري اهو شرط ختم ڪيو ويو آهيڪمپيوٽرائيزڊ قومي شناختي ڪارڊ انگن اکرن جي تصديق جو هڪ انتهائي ڪارگر ۽ ڀروسي لائق طريقو مهيا ڪري ٿو. ڪمپيوٽرائيزڊ قومي شناختي ڪارڊ جي شرط ۽ فوج جي موجودگي آدم ڳڻپ واري عملي يا عوام طرفان انگن ۾ ڪنهن به قسم جي ڦيرڦار جي ڪوشش خلاف ٻه وڏيون رڪاوٽون هيون. هن ڀيري انهن ٻنهي رڪاوٽن کي هٽايو ويو آهي جنهن جي ڪري ڪا به ڌر پنهنجن گروهي مفادن خاطر انگن اکرن ۾ وڌاءُ ڪري سگهي ٿي. انگن اکرن ۾ وڌاءُ جو تجربو 1991 ۾ ڪرايل آدم ڳڻپ دوران ٿي چڪو آهي جنهن ۾ سنڌ جي آبادي ۾ واڌ 148سيڪڙو ڏيکاري وئي هئي. اهو به واضع ناهي ته گڏ ڪيل انگن اکرن جي درست هجڻ جي تصديق ڪيئن ڪري سگهبي ۽ ڪيئن معلوم ڪري سگھبو ته انهن انگن اکرن ۾ هيرا ڦيري وسيلي واڌ يا کوٽ نه ڪئي وئي آهي.ان کان علاوه اهو پڻ واضح ناهي ته هيرا ڦيري کي ڪيئن پڪڙي سگهبو ۽ ان هيرا ڦيري بابت شڪايتن جو ازالو ڪيئن ۽ ڪهڙي مرحلي تي ڪيو ويندو؟ جيڪڏهن آدم ڳڻپ کي شفاف بنائڻ لاءِ ڪو ڪارگر ۽ اثرائتو نظام نه جوڙيو ويو ته ان سان ان سموري عمل ۾ انگن اکرن جي ڪنهن وڏي هيرا ڦيري جا امڪان وڌي ويندا جنهن جو ازالو اڳتي هلي ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو. ان ڪري ان سموري عمل جو نتيجو مالي وسيلن جي شديد کوٽ کي منهن ڏيندڙ ملڪ جي اربين روپين جي زيان جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو.
    اميد آهي ته ڪمپيوٽرائيزڊقوميشناختيڪارڊواري شرط بحال ڪئي ويندي ان سان غير مقامي/ ٻين صوبن مان لڏپلاڻ ڪري ايندڙ ماڻهن جي انگن اکرن کي صحيح طريقي سان دستاويزي بنائڻ لاءِ مدد ملندي.
  5. آدم ڳڻپ لاءِ مختص ڪيل وقت:
    سرڪار پاران جاري ڪيل شيڊول مطابق ”گهرن ۽ انسانن جي ڳڻپ “ لاءِ مختص ڪيل وقت ڪل 10 ڏينهن آهي. ڳڻپ واري عملي جي ماڻهو کي ڏنل گهرن جو تعداد سراسري طور 300 آهي (هڪ کان ٻه بلاڪ هر هڪ ۾ 200 کان 250 گهر آهن). ڏنل 10 ڏينهن ۾، ڳڻپ ڪندڙ عملي جي هر ميمبر وٽ پنهنجو ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪل 80 ڪلاڪ يا 4800 منٽ هوندا، ان حساب گڻپ واري عملي جي ميمبر کي هڪ گهر جا انگ اکر گڏ ڪرڻ لاءِ صرف 16 منٽن جو ٽائيم هوندو. انهن 16 منٽن ۾ ان کي هڪ گهر کان ٻئي گهر تائين پهچڻ، گهر ڌڻي کي سڏڻ ۽ پنهنجي تياري ڪرڻ جو وقت به شامل آهي. تنهن ڪري ڳڻپ ڪندڙ عملي جي هر ميمبر وٽ هڪ گھر جا انگ اکر گڏ ڪرڻ ۽ انهن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ مشڪل سان ڪي 8 منٽ وڃي بچندا. انهن 8 منٽن ۾ ئي ڳڻپ ڪندڙ عملي جي ميمبر کي ڳڻپ بابت طئي ڪيل 33 بنيادي سوالن ۽ انهن مان هر سوال جي تفصيلي جزئيات بابت انگ اکر معلوم ڪري پنهنجي سسٽم ۾ محفوظ ڪرڻا آهن. تنهنڪري هر سوال جي تفصيل جي هڪ جزي بابت معلومات حاصل ڪري ان کي پنهنجي سسٽم ۾ محفوظ ڪرڻ لاءِ ڳڻپ جي عملي وٽ صرف چند سيڪنڊ هوندا. تنهنڪري ڳڻپ ڪندڙ عملي جي محدود ٽريننگ ۽ مشينن سان گھٽ واقفيت ۽ مختلف قسم جي انسانن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ سبب ان لاءِ اهو لڳ ڀڳ ناممڪن آهي ته هو ايتري مختصر وقت ۾ خاندان جي سڀني ميمبرن جي تفصيلي معلومات گڏ ڪري پنهنجي سسٽم ۾ محفوظ ڪري سگهي.
    ان حوالي سان اسان وٽ نيشنل سوشل اڪنامڪ رجسٽري (NSER) منصوبي ۾ ڊجيٽل ڳڻپ واري خراب تجربي جو مثال موجود آهي جيڪو سڄي پاڪستان ۾ 19-2018 ۾ ڪيو ويو هيو. ان پراجيڪٽ ۾ پروفارما ڀرڻ لاءِ ٻن ميمبرن جي ٽيم مقرر ڪئي وئي هئي. ٻن ماڻهن جي ٽيم هجڻ جي باجود به انگن اکرن کي سسٽم ۾ محفوظ ڪرڻ لاءِ 15 کان 20 منٽ پئي لڳا. انگ اکر گڏ ڪندڙ ان ٻن ماڻهن جي ٽيم جڏهن اهي انگ اکر پنهنجي سپروائيزر کي پئي موڪليا ته ڪيترن ئي ڪيسن ۾ اهي انگ اکر قبول ڪرڻ جهڙا نه هئا، انڪري صحيح انگاکر حاصل ڪرڻ لاءِ ان ٽيم کي ٻيهر انهن گھرن ڏي وڃڻو پيو.ان سرويلاءِمقرر ڪيل عملوتربيتيافتا ۽ تجربيڪار هيو ، ان جي باوجود اهو ڪو سٺو تجربو ڪون هيو.شهرن جيپوشعلائقن ۾ انگ اکر ڏيڻ بدران مزاحمتڪئيوئي، جنهن جي ڪري ڪجهه هنڌن تي پوليسجيمددوٺڻيپونديهئي. ڪيترن هنڌن تان ناقص معلومات يا مرڳو جوابنهملڻ جي ڪري عملي کيڪيترائيڀيراساڳئيگهرجا چڪر ڪاٽڻا پونداهئا. ان کان علاوه عوام توڙي سروي ڪندڙ عملي جي نااهلي ۽ اڻ ڄاڻائي جي ڪري ٻيون ڪيتريون ئي رڪاوٽون پيدا ٿيون. (سروي ڪندڙ ٽيم کي في گهر جي حساب سان معاوضو ڏنو ويندو هيو تنهنڪري اهي وڌيڪ گهرن جي سروي ڪري وڌيڪ پئسا ڪمائڻ جي چڪر ۾ غلطيون ڪندا هئا)
    عوام جي گھٽ تعاون جي ڪري NASER جي سروي جو مدو 6 مهينن کان وڌائي 10 مهينا ڪيو ويو پر آخري ڊيٽا/نتيجن کي ٽئين پارٽي ۽ BISP پاران چئلينج ڪيو ويو. آخرڪار، مختلف سببن جي بنياد تي 17سيڪڙو کان 48 سيڪڙو تائين نتيجا قبول نه ڪيا ويا. نتيجي طور ان سروي واري عمل کي اڌ ۾ روڪيو ويو ۽ ان پراجيڪٽ جا پئسا پڻ روڪيا ويا. NSER جيتجربي جو حوالو ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته عوام جي تعاون جي کوٽ، ڪمپيوٽر جي گھربل تعليم نه هجڻ ۽ مختصر تربيت جي ڪري، عملو صحيح انگ اکر گڏ ڪرڻ ۽ انهن انگن اکرن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ان کي پنهنجي سسٽم ۾ محفوظ ڪرڻ جي قابل ئي نه هئو. NSERجي مقابلي ۾ آدم ڳڻپ جي حوالي سان غلطين جو امڪان ۽ خطرو تمام گهڻو آهي. ان لاءِ انگن اکرن جي بروقت تصديق ۽ اصلاح جي هڪ مضبوط طريقئي ڪار جي ضرورت آهي.
  6. سافٽ/هارڊويئر:
    پهريون ڀيرو آدم ڳڻپ ڊجيٽل طريقي سان ٿي رهي آهي. ڪنهن به ڊجيٽل پليٽ فارم کي استعمال ڪرڻ لاءِ تربيت يافته انساني وسيلن، انگ اکر گڏ ڪرڻ لاءِ اڳواٽ آزمايلاوزار (ڪمپيوٽر يعني ٽيبليٽس)، انگ اکر گڏ ڪرڻ ۽ گڏ ڪيل انگن اکرن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ خامين کان پاڪ نظام ۽ سڀ کان اهمهڪ اهڙي سافٽ ويئر جي ضرورت هوندي آهي جنهن ۾ ڪا هيرا ڦيري نه ڪري سگهجي. معلوم اهو ٿيو آهي ته عملي جي تربيت، عملي کي ٽيبليٽس (ڪمپيوٽر)مهيا ڪري ڏيڻ، انهن جي چڪاس ڪرڻ ۽ سافٽ ويئر جي تياري تائين سمورو عمل نادرا جي سرپرستي ۾ ٿيو آهي. جڏهن ته پاڪستان جي شماريات واري اداري پاران ڪيل ابتدائي جاچ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عملي لاءِ خريد ڪيل ڪيترائي ٽيبلٽس صحيح ڪم نه پيا ڪن. عملي کي مهيا ڪيل ٽيبليٽس جي خرابي جي صورت ۾ گڏ ٿيل انگن اکرن ۽ آدم ڳڻپڪرائيندڙ تنظيم جي ساک ۽ ڪارڪردگي متاثر ٿيندي. جيئن ته نادرا هارڊويئر جي خريداري ۽ سافٽ ويئر جي صحيح ڪم کي يقيني بڻائڻ واري عمل جو حصو رهيو آهي. تنهن ڪري، نادرا ۽ پاڪستان جي شماريات واري اداري جا ڪم ۽ ذميواريون واضح طور تي بيان ڪرڻ گهرجن.
  7. ٻوڏ متاثر/بي گهر ماڻهو:
    مٿي ذڪر ڪيل مسئلن کان علاوه اها به حقيقت آهي ته تازين ٻوڏن کان پوءِ سنڌ ۽ بلوچستان صوبن ۾ انفراسٽرڪچر جي حالت اطمينان بخش نه آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو ۽ علائقا اڃا تائين پاڻي هيٺ آهن. سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ انٽرنيٽ ۽ بجلي جون سهولتون تسلي بخش ناهن. سنڌ ۾ 21 لک کان وڌيڪ گهر تباهه ٿيا آهن ۽ سوا ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. ڪيترائي علائقا اڃان تائين پهچ کان محروم آهن ۽ هڪ وڏي آبادي اڃان تائين بي گهر آهي. اهڙين حالتن ۾ صحيح آدم ۽ گھر ڳڻپ ٿيڻ بابت پڻ خدشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي.
  8. امن امان جي صورتحال:
    ميڊيا وسيلي هر ماڻهو ان حقيقت کان واقف آهي ته اتر سنڌ خاص ڪري لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ گهوٽڪي جي ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال اطمينان بخش نه آهي. پوليس جي ڪيترن ئي ڪاررواين جي باوجود اڃا تائين انهن ضلعن ۾ ”نو گو ايريا“ موجود آهن. انهن علائقن ۾ ڳڻپ ڪيئن ٿيندي؟ انهن علائقن ۾ آدم ڳڻپ واري عمل کي شفاف ۽ ڪامياب بنائڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي ۽ خاص انتظامن جو بندوبست ڪيو ويو آهي؟
  9. ٽڙيل پکڙيل علائقا:
    ان کان علاوه سنڌ جي ڏورانهن ۽ ريگستاني علائقن جهڙوڪ ڪچو، ڪوهستان، ڪاڇو (ضلعو ڄامشورو ۽ دادو) اڇڙو ٿر (ضلعو خيرپور ۽ سانگهڙ) ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي ريگستاني علائقن ۾ آدم ڳڻپ کي صحيح نموني سان ڪرائڻ لاءِ خاص انتظام ڪرڻ گهرجن.
  10. سفارشون:
    مٿي ڄاڻايل خدشن کي منهن ڏيڻ لاءِ هيٺيون تجويزون پيش ڪجن ٿيون
    الف) ٻوڏ متاثر ماڻهن جي سندن ڳوٺن ۽ گهرن ڏانهن واپسي، ۽ پاڻي هيٺ آيل سمورن علائقن جي بحالي تائين آدم ڳڻپ ملتوي ڪئي وڃي.
    ب) ڊجيٽل ڳڻپ دوران پيش ايندڙ ڏکاين، اختلافن ۽ ٻين نظر نه ايندڙ مسئلن کي روڪڻ خاطر گهربل حفاظتي اپاءَ وٺڻ لاءِ ، NASER سروي جي ناڪاميءَ جو سبب بڻجندڙ عنصرن جي صحيح ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ RSPN/BISPسان ڳالهايو وڃي.
    ٻ) آدم ڳڻپ جهڙي ڳري ڪم لاءِ ، وقت جي مدي کي مناسب بنائڻ جي سلسلي ۾ ان معاملي جو نئين سر جائزو ورتو وڃي.
    ڀ) ڳڻپ ڪندڙ عملي جي حفاظت ۽ انگن اکرن ۾ هيرا ڦيري کان بچاءُ لاءِ فوج جي شموليت کي يقيني بنايو وڃي.
    ت) ماڻهن جي ڳڻپ لاءِ CNIC کي لازمي بنايو وڃي. ( ٻوڏ متاثر ماڻهن کي قومي شناختي ڪارڊ نه هجڻ جي صورت ۾ متبادل ثبوت پيش ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي وڃي)
    ٿ) ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ٻين صوبن مان لڏپلاڻ ڪري ايندڙ غير مقاميماڻهن ۽ قانوني يا غير قانوني طرح آيل پرڏيهين جي آبادي جي صحيح ڳڻپ ڪئي وئي آهي ، انهن ڪٿان ۽ ڪهڙي سبب جي ڪري هتي آيا آهن ، اهي تفصيل به درج ڪيا وڃن.
    ٽ) تفصيلي هدايتن سان گڏ ٽي وي، اخبارن ۽ ٻين ذريعن وسيلي آدم ڳڻپ جي چڱي ريت تشهير ڪئي وڃي ته جيئن عوام ڳڻپ عملي کي گهربل معلومات ڏيڻ کان گهٻرائي انڪار نه ڪن.
    ٺ) آدم ڳڻپ جي نگراني جي انتظامن کي مضبوط ۽ فعال بڻايو وڃي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ڳڻپ ڪندڙ عملو هر گهر تائين پهچي ان گهر جا مڪمل انگ اکر گڏ ڪري پنهنجي سسٽم ۾ درج ڪري.
    ث) NSER تجربي جي روشني ۾ڊيٽا پروسيسنگ جي ترتيبن جو جائزو ورتو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں