ڪراچي (بيورو) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي طرفان اڄ ڪراچي ۾ ڊجيٽل آدمشماري بابت ڪانفرنس ڪوٺائي وئي آهي. اڄ صبح جو 10 وڳي آرٽ ڪائونسل ڪراچي ۾ منعقد ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ سنڌ جي مڙني سياسي پارٽين، سماجي تنظيمن، اديبن، ليکڪن، ساڃاهه وندن ۽ آدمشماري بابت ماهرن کي شرڪت جو سڏ ڏنو ويو آهي. سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو ۽ ڊاڪٽر وليد شيخ طرفان روزاني سنڌ کي ٻڌايو ويو آهي ته سانا جي ڪانفرنس ۾ مختلف پارٽين جي سربراهن کي دعوت ڏني وئي آهي. جن ۾ نثار احمد کهڙو، ڊاڪٽر قادر مگسي، اياز لطيف پليجو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، شاهه محمد شاهه، مولانا راشد محمود سومرو، عبدالخالق جوڻيجو، نور الهدى شاهه، جامي چانڊيو، اعجاز قريشي، نصير ميمڻ ۽ ٻيا اڳواڻ شامل آهن.
