سنڌ يونيورسٽي ڪاروبار جو ڳڙھ بنجي وئي آھي:ايس ايس ٽي

حيدرآباد(پ ر)سنڌ يونيورسٽي انتظاميا غريب شاگردن کان تعليم جو بنيادي حق کسي پئي. فيسن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪري شاگردن کي تعليم کان محروم ڪيو پيو وڃي. سنڌ يونيورسٽي تعليم کي ڪاروبار بنائي ڇڏيو آھي. سپلي جا 7200، امتحاني فيس جا 5200، رجسٽريشن جا 1500، ايڊيشنل رجسٽريشن جي نالي ۾ 500 الڳ. يونيورسٽي ڪاروبار جو ڳڙھ بنجي وئي آھي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ ناانصافي جو نوٽيس وٺي. اھڙن خيالن جو اظھار سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، دلدار نوحاڻي، مجاھد بلوچ ۽ نويد عباس ڪلھوڙي پنھنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڪيو آھي. اڳواڻن وڌيڪ چيو تہ سنڌ يونيورسٽي ڪاروبار جو ڳڙھ بنجي وئي آھي. مختلف بھانن سان يونيورسٽي سان لاڳاپيل قانون جي توڙي سمورن ڪاليجن جي لکين شاگردن کان ڪروڙين روپيا اوڳاڙي غريب شاگردن لاءِ تعليم جا دروازا بند ڪيا پيا وڃن. يونيورسٽي قانون جي ڪاليجن جي شاگردن کان ھر سال رجسٽريشن نالي ۾ 1500 اوڳاڙڻ کانپوءِ ھاڻي ايڊيشنل رجسٽريشن جي نالي ۾ 500 في شاگرد کان الڳ سان اوڳاڙي پئي. يونيورسٽي طرفان في سپلي تي 7200 اوڳاڙي ھر سال سوين شاگردن کي ھٿ وٺي سپلي ھڻي ڪروڙن جو ڪاروبار ڪيو پيو وڃي. اسين سنڌ ھاءِ ڪورٽ کي ان سموري غيرقانوني ڪاروبار جي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪيون ٿا. يونيورسٽي انتظاميا فورن ايڊيشنل رجسٽريشن ۽ سپلي فيس 7200 ڪرڻ جو نوٽيفڪشن واپس وٺي نه ته ٻي صورت ۾ شاگردن طرفان سخت احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں