ڪراچي (ڳالهه ٻولهه: مهيش ڪمار) مان بابو نه پر هڪ ماستر آهيان. اهڙن خيالن جو اظهار ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز شاداب حسين “روزاني سنڌ” سان ڳالهائيندي ڪيو. شاداب حسين پنهنجي عهدي جي چارج وٺڻ کان پوءِ به روزانو مختلف ڪاليجن ۾ پڙهائيءَ جو ڪم به جاري رکيو آهي. ڪلاس وٺڻ بعد هو آفيس اچي ڪم ڪار ڪري ٿو. پنهنجي آفيس ۾ “روزاني سنڌ” سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجو ڪلاس وٺڻ بعد انتظامي عهدن تي مقرر ٿيل استاد به ضرور پنهنجو پڙهائيءَ وارو ڪم شروع ڪندا. هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ ڪاليجن ۾ وڃي اتان جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس. هن چيو ته سمورن ريجنل ڊائريڪٽرن کي چيو آهي ته هو استادن سان گڏجاڻيون ڪري ڪورس مڪمل ڪرائين. ڪورس مڪمل ڪرائڻ بعد شاگردن کي غير نصابي سرگرمين لاءِ وقت ڏنو وڃي ته جيئن شاگردن جي ذهني نشونما ٿي سگهي. خاص ڪري شاگردن کي راندين ۾ حصو وٺڻ لاءِ همٿائڻ گهرجي. شاداب حسين وڌيڪ ٻڌايو ته استادن جا مسئلا به جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. ڪو به فائيل منهنجي ٽيبل تي هڪ ڏينهن کان وڌيڪ نه رهندو. استادن جا مسئلا حل ٿيل هوندا ته اهي گهڻي توجهه شاگردن کي پڙهائڻ تي ڏيندا. شاداب حسين کي ڊائريڪٽر جنرل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيڻ لاءِ دوست ۽ مختلف ڪاليجن جا وفد پهتل هئا، جن کيس گل ۽ اجرڪ ڏنا.
