شاهه جي مشين(رپورٽ:غلام باقر سولنگي) سب ڊويزن راڻي پور جي ٽيوب ويل نمبر E50ڪيترن ئي سالن کان ناڪاره ھجڻ سبب اتان جا آبادگار سخت پريشان آھن آبادگارن وڏيرو محمد جمن سولنگي وڏيرو ارباب علي سولنگي وڏيرو ياسين احمد ڀيلار سيد نذير حسين شاه زنوار نادر علي سولنگي ميڊيا وارن سان ڳالھائيندي چيو آھي ته اسان ڊي سي خيرپور چيف انجنيئر حيدرآباد پي ڊي خيرپور انجنيئر خيرپور ايز ڊي او راڻيپور اسان سڀني اعلا عمل دارن کي ڪيترائي دفعا اپليڪيشن ڏنيون آهن ان جي باوجود به اڃا تائين ڪو ريسپانس ناھي مليو . مذڪوره ٽيوب ويل جيڪا سب ڊويزن راڻي پور م آھي ان جو ٽرانسفارمر موٽر ڪنٽرول باڪس پائيپ وغيره سڀ سامان کڻي ويا آھن ناھي ته اھو ڪاڏي ڪين تنھنکي ڪيترا ئي سال گذري ويا آھن جڏھن ته اسان آبادگارن کان پاڻي جي ٽيڪس ڍل جي صورت م وحصول ڪئي ويندي آھي ھن ٽيوب ويل تي سرڪاري عملو به ضرور مقرر ھوندو جنھن م آپريٽر چوڪيدار بيلدار وغيره جيڪي سرڪاري پگھار کڻندا ھوندا ان لاء اسان جو پراجيڪٽ ڊاريڪٽر اسڪارپ انجنيئر اسڪارپ ۽ سب ڊويزن راڻي پور جي ايس ڊي او کان مطالبو آھي ته E 50 ٽيوب ويل جلد ٺھرائي ڏني وڃي نه ته ٻئي صورت م پراجيڪيٽ ڊاريڪٽر اسڪارپ خير پور جي آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويندو
