شھدادڪوٽ (رپورٽ: جاويد اختر ڪمبوھه ) شھدادڪوٽ ۾ وڌنڌڙ مھانگائي ۽ ضلع قمبرشھدادڪوٽ جي ٻوڏ ۽ برسات متاثرن کي گهرن جي ٿيل نقصانواري ازالي لاءِ اعلانيل امدادي رقم جاري ڪرڻ وارن ضلعن ۾ شامل نه ڪرڻ خلاف ايس يو پي ڪارڪنن جو پريس ڪلب کان احتجاجي ريلي ڪڍي شھر جي مين چوڪ تي ڌرڻو ھڻي ويھي ٽريفڪ جام ٿي وئي سخت احتجاج ڪيو شھدادڪوٽ ۾ايس يو پي ڪارڪنن جو ملڪ ۾ وڌنڌڙ مھانگائي خلاف سخت احتجاج ڪندي شھر جي مين چوڪ تي ڌرڻو ھنيو. ان موقعي ايس يوپي اڳواڻ الھداد خشڪ فياض مگسي اصف لا شاري سڪندر خشڪ معشوق خشڪ ساگر چانديو محمد علي چانديو اويس خشڪ فياض ميرجت اسلم خاصخيلي بابر ڀٽي زين سنڌي مير عامر علي عبد الله سنڌي روشن ٻٻر ۽ ٻين چيو ته مھانگائي صفا چوٽ چڙھي وئي آھي ۽ غريبن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي پر حڪمرانن کي روز روز مھانگائي سوا ڪو به ٻيو ڪم ناھي ھنن وڌيڪ چيو ته بي روزگاري جي غريب طبقو سخت پريشان آھي ۽ خودڪشون ڪرڻ تي مجبور آھن پر حڪمران پنھنجو شآھي خرچ گھٽائيڻ تيار ناھنن روز روز نوا ٽيڪس ھڻي عوام جي چيلھ ڀڄي ڇڏي آھي ۽ غريب عوام ھڪ ويلي لا به سخت پريشان آھي ھنن چيو ضلع قمبر شھدادڪو سنڌ جو سڀ اول ٻڏل ضلع آھي پر سنڌ حڪومت ضلع قمبر شھدادڪوٽ جي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن کي گھرن جي نقصان جي اعلانيل امدادي رقم ڏيڻ وارن ضلعن جي فھرست ۾ شامل نه ڪري ضلع جي عوام سان وڏي ناانصافي ڪئي آھي. ھنن چيوته ضلع ۾ وڏي تعداد غريبن جا گھر ڪري پيا آھن جن کي سروي ۾ شآمل ڪري انھن گھرن جي رقم ڏني وڃي ته جيئن غريبن پنھنجي گھرن تعمير ڪري سگھن. ھنن چيو ته سنڌ حڪومت کي فورن گھرن جي سروي ۾ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي کي شامل ڪري ۽ ضلع جي عوام پکڙيل بيچني ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت سڄي ضلع ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
