قمبر ۾ نوجوان جي مبينا اغوا خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو

قمبر (ڊ ر) قمبر جي بروھي محله جي رهواسين جو نوجوان محمد نور بروهي جي مبينا اغوا خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي محمد اسحاق بروهي،حسين بخش بروهي،تُراب حسين بروهي ۽ عبدالرازق بروهي پاڪ ڪتاب کڻي داهيندي الزام هنيو ته ٻه هفتا اڳ محمد نور بروهي کي وياج خورن عبدالڪريم چانڊيو ۽ ٻين پاڻ وٽ گهرائي هٿيارن جي زور يرغمال بڻائي پاڪ ڪتاب کڻائي زبردستي پيئسن جي گهر ڪري رهيا آهن اهڙو وڊيو بيان اسان کي موڪليو ويو آهي جڏهن ته اسان اهڙي دانهن قمبر ٿاڻي تي ڪئي آهي هنن وڌيڪ چيو ته اسان کي خوف آهي ته محمد نور بروھي کي بااثر وياج خور پيئسن نه ڏيڻ تي ماري ڇڏيندا هنن اعلي اختيارن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس محمد نور کي آزاد ڪري بااثرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں