نوشهروفيروز( ڊ ر) سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ علاج جي لاءِ ايندڙ مريضن کي ڏسڻ لاءِ ڊاڪٽر ناهن دوائون نٿيون ملن ايڪسري مشينون خراب پيل ڪيرالٽراسائونڊ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ايم ايس مريضن کي علاج جون بهتر سهولتون ڏيڻ بجاءِ اسپتال کي ريفرسينٽر بڻائي ڇڏيو آهي.رات جو ايمرجنسي وارڊ سميت دل واري وارڊ ۾ ڊاڪٽر ۽ عملو ڊيوٽي تان غائب آهي . شهري اتحاد جي سڏ تي شهرين جي وڏي انگ مختلف سياسي سماجي اڳواڻ اياز علي راڄپر، ماهنورشيخ، وزيروڳڻ ،نثارپيرزادو، وحيدميمڻ، محمدصادق راڄپر، نثارسيال،صالح سولنگي، منصورعلي عباسي، ثاقب علي ميمڻ، غلام رضا هاليپوٽو، اسدالله ميمڻ، احسان هاليپوٽو ۽ ٻين پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ نعريبازي ڪندي چيو ته سول اسپتال ۾ علاج جون بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري روزانو ايندڙ مريض سخت پريشان ٿي رهيا آهن. اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي سخت کوٽ آهي جڏهن ته پئٿالاجسٽ، دل، سرجري، نڪ، گلي، گردن، الٽرا سائونڊ ۽ ڊائلاسز سينٽر ۾ نيفرولاجسٽ سميت ماهر ڊاڪٽر مقرر نه ٿا ڪيا وڃن. اسپتال ۾ مريضن لاءِ دوائون اڻ لڀ آهن. بيمار مريضن کي ريفر ڪرڻ سميت مري ويندڙ مريضن جا لاش کڻڻ لاءِ ايمبولينس نه ٿي ڏني وڃي. داخل مريضن کي ماني به ناهي ملندي پر ماني ۽ تيل جي نالي تي ماهوار لکين روپيا هڙپ ڪيا وڃن ٿا. هنن چيو ته اسپتال جو آپريشن ٿيٽر مڪمل طور تي ستن سالن کان بند آهي ليبارٽري، الٽراسائونڊ ۽ ايڪسري نه ٿا ڪيا وڃن.۽ جڏهن هڪ سال اڳ سول اسپتال نوشهروفيروز جو ايم ايس خادم مڱريون ٿي آيو ته هن شهرين سان واعدو ڪيو هو ته کيس هڪ سال جي مهلت ڏني وڃي هو سول اسپتال کي بهتر اسپتال بڻائڻ جي لاءِ صرف ڪوششون نه ڪندو پر عملي طور تي ڪم ڪري ائين ڪري ڏيکاريندو پرسال کان مٿي عرصو گزري وڃڻ باوجود سول اسپتال جي حالت بهتر ته ناهي ٿي پراڳ کان ويتر خبر ٿي وئي آهي. مختلف ڳوٺن کان ڪرايا ڀاڙا ڀلي علاج جي لاءِ ايندڙ مسڪين ڳوٺاڻن کي ڊاڪٽر ڏسڻ جي موجود ناهي جيڪڏهن اڙيو ٿڙيو ڪنهن ڊاڪٽر وٽ پرچي کڻي پهتو ۽ ان کيس دوا لکي ڏني جا وري ايڪسري وغيره ۽ الٽراسائونڊ ڪرائڻ جي لاءِ موڪليندو ته اهي سهولتون اسپتال اندر موجود ناهن جنهن ڪري ڳوٺان مان ايندڙ مريض ۽ شهري سخت پريشان آهن ان ڪري اسان وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ صحت جي صوبائي وزير کان مطالبو ٿا ڪريون ته سول اسپتال نوشهروفيروز جي ايم ايس خادم مڱريو کي هٽائي سندس ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ڪنهن بهتر ڊاڪٽر کي سول اسپتال جو ايم ايس مقرر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.
