اسلام آباد( م ڊ ) وزيراعظم شهباز شريف سان آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ملاقات ڪئي جنهن دوران ملڪي سيڪيورٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ نديم انجم وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ دهشتگردي خلاف آپريشن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. واضح رهي ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ هن وقت اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس جاري آهي. جنهن ۾ عسڪري ۽ سول قيادت موجود آهي.
