ٽنڊوالهيار ۾ پي ٽي آءِ جي مهانگائي خلاف احتجاجي ريلي

ٽنڊوالهيار(ڊ ر)ٽنڊوالهيار ۾ پي ٽي آئي ۽ شهرين طرفان ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف انصاف هائوس کان ٽنڊوالهيار پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ ڪارڪنن امپورٽنٽ حڪومت نا منظور جا نعراه هنيا ان موقعي تي پي ٽي آئي اڳواڻن ۽ شهرين ڊاڪٽر علي نواز چوهاڻ . جاويد ڪالرو . وجاهت قائمخاني . عثمان قائمخاني ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته مهانگائي غريب عوام جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون آهن هن وقت غريب ماڻهون ٻن ويلن جي ماني لاء پريشان آهي هنن چيو ته پي ڊي ايم حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي روز جي بنياد تي مهانگائي وڌي رهي آهي ۽ غريب عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙجي رهيو آهي هنن وڌيڪ چيو ته روز جي بنياد تي مزدوري ڪندڙ پورهيت 5 سئو روپيا ڏهاڙي ڪمائي صرف هڪ ويلي جي ماني کائي ٿو جڏهن ته سفيد پوش ماڻهون به مهانگائي سبب سخت متاثر آهن پر ڪنهن کي ٻڌائي نٿا سگهن عوام مجبور ٿي روڊن تي اچي رهي آهي پر حڪومت جي ڪن تي جونهن به نٿي سري هنن مطالبو ڪيو ته نااهل حڪومت کي ختم ڪري جرنل اليڪشن ڪرائي عوام دوست حڪومت آندي وڃي جيئن عوام کي رليف ملي سگهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں