حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته پاڪستان کي سڌي رستي تي آڻڻ جي لاءِ نئون سماجي معاهدو ڪرڻو پوندو، اهو سماجي معاهدو زررداري، عمران خان ۽ مولانا فضل الرحمان سان نه پر سنڌين، بلوچن، پشتونن ۽ بلوچن سان گڏ ويهي ڪرڻو پوندو، سنڌين کان حڪمراني جو حق کسڻ جي لاءِ سنڌين کي ٻوڏن جي حوالي ڪري معاشي طور تي ڪمزور بڻائي ڌارين کي آباد ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، وفاق ٽٽندو ته پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي کي ڪو خطرو ناهي، پر سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ جو ٿيندو، سنڌ ۾ ملڪ جي ٻين صوبن جا ماڻهو رهن ٿا، لکين غير قانوني پناهگير هتي رهن ٿا، اهڙي صورتحال پيدا ٿٿي ته زرداري ۽ بلاول عالمي آقائن سان اهو معاهدو ڪري وٺندا ته اسان کي 5 يا 6 ضلعن جو سنڌو ديش ٺاهي ڏيو، باقي سڄي سنڌ ڄاڻي ۽ انهن جا ڪم ڄاڻن، ٻي طرف مهاجر ديش ٺاهڻ جي سازش ٿي رهي آهي، باقي وڃي ٻه ٽي ضلعا بچندا، پر سنڌ جي ماڻهن کان پڇڻ گهران ٿو ته جيڪڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿي ته توهان مادري وطن جي حفاظت جي لاءِ جنگ جي ميدان ۾ بيهندا يا نه؟. آئون اعلان ڪري غريبن جا ٻار ناهيان مارائيندو. عمران خان اڳ ئي چئي چڪو آهي ته مونکي اقتدار نه ڏنو ويو ته پاڪستان ٽي ٽڪرا ٿي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد ۾ نيشنل هاءِ وي تي ايس ٽي پي جي 31 هين يوم مادر وطن جي موقعي تي منعقد ڪيل جلسي عام کي خطاب ڪندي ڪيو، جلسي عام ۾ سڄي سنڌ مان ايس ٽي پي جي ڪارڪنن، عورتن ۽ ٻارڙن سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، جلسي ۾ موجود ايس ٽي پي جا ڪارڪن سنڌ جا نعرا هڻندي قومي گيتن تي جهومندا رهيا، جڏهن ته يوم مادر وطن جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته هي جلسو سنڌ جي سياست ۾ نئين تاريخ رقم ڪندو، هي سمورا ماڻهو نوڪري جي درخواست کيسي ۾ وجهي ناهن آيا، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي 5 هزارن جو دلاسو نه ڏنو ويو آهي، هتي آيل نوجوان اکين ۾ سنڌ جي خوشحالي جا خواب کڻي آيا آهن، سنڌ دشمن جي لاءِ اعلان ڪرڻ آيا آهن ته هي سنڌين جو مادري وطن آهي، ڪنهن قابلي ۽ ڪنڌاري جو وطن ناهي، هي اسان جو وطن پاڪستان جي ڪنهن حڪمران، جنرل، جج ۽ عالمي سامراجي طاقت اسان کي انعام ۾ ناهي ڏنو آهي، هي وطن اسان کي لکين سالن کان اسان کي خدا ڏنو آهي، اسان جيئڻ ۽ دشمن سان وڙهڻ سکيو آهي، هزارين سالن کان اسان جي نوجوانن گرم رت سان وطن جي حفاظت ڪئي آهي. هن چيو ته آصف زرداري پنهنجي پٽ بلاول کي وزيراعظم ٺاهڻ جي لاءِ سڄي سنڌ ڌارين کي ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿي ويٺو آهي ۽ سوچي ٿو ته اڳتي هلي هو سنڌ جو بادشاهه بڻجي ويندو، پنهنجي وطن جي بقاءَ ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان رت جو ڦڙو ڦڙو قربان ڪنداسين، سنڌ قيامت تائين رهندي.
