چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو جي 51هين بئچ جي ڊي ون سيليبريشن واري تقريب ٿي گذري

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي پريس ترجمان عبدالصمد ڀٽيءَ پنهنجي  جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي،چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو جي 51 هين بئچ ۽ بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي 12 هين بئچ جي ( ڊي ون سيليبريشن ) پهرين ڏينهن واري تقريب ٿي گذري، جنهن ۾ نون آيل بئچ جي شاگردن ۽ سندن والدين ڀرپور نموني شرڪت ڪئي، تقريب ۾ نون آيل شاگردن کي سمورن استادن سان تعارف ڪرايو ويو ۽ چانڊڪا ڪاليج ۾ داخل ٿيندڙ ضلع وار پهرين ٻين ۽ ٽين پوزيشن کڻندڙ شاگردن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا، جنهن موجب لاڙڪاڻو لاءِ آمرا علي ابڙو، امبر،آفتاب، قمبر ضلعي مان زبير احمد، شاهزيب، اوم جيڪب آباد لاءِ  ذاهد حسين، فيض محمد، راج ڪمار، ڪشمور ضلعي لاءِ  علي محمد، مير نواز، فيض محمد، دادو لاءِ محمد عيسا، علي صدرت، آڪاش،شڪارپور لاءِديپڪ راج، شيو ڪمار، ثنا چنا، خيرپور لاءِ شان علي کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا ، بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي ٽاپ 10 شاگردن ۾ مقدس، ثناءُ الله، سنجنا، پوري بائي، ڪشش، افسانا، حبيبه، نمرا، عقيلا بتول ۽ نديم علي کي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا، وائيس پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر شاهد حسين سومرو ۽ پروفيسر ڊاڪٽر سليم کهاوڙ نون آيل شاگردن جو تعارف فيڪلٽي سان ڪرايو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں