ڪراچي ۾ پيپلز ڊاڪٽرس فورم پاران جشن شعبان جي تقريب منعقد

ڪراچي  (بيورو رپورٽ) سنڌ سروسز اسپتال ڪراچي ۾ پيپلزڊاڪٽرس فورم جي صدر  ڊاڪٽر بشرا ميمڻ پاران جشن شعبان جي مناسبت سان تقريب جو انعقاد ڪيو ان موقعي تي جشن شعبان جي خوشي ۾ ڪيڪ پڻ ڪاٽيوويو. تقريب ۾ شريڪ سرورسز اسپتال جي نئين ايم ايس ڊاڪٽر عاشق علي شيخ،  اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر فرحت عباس شاه، ڊاڪٽر عديل، ڊاڪٽر نرمين شيخ ۽ ڊاڪٽر جاويد شر، ڊاڪٽر عبدالڪبير ابڙو، ڊاڪٽر نديم چيما ڊاڪٽر زبيرکوسو،ڊاڪٽرسرواڻ ڀنڀرو ڊاڪٽر نور،ڊاڪٽر ماه نور چنه۽ ٻين چيو ته  اھڙي قسم جون تقريبون منعقد ڪرڻ سان اسان جي دلين ۾ روحانيت پيدا ٿيندي ھي سڄو مھينو مبارڪ ۽ ولادتن جو آھي پر اڄ خاص طور تي امام حسين جو ولادت آھي ان ڪري ھن تقريب جي اھميت ڪجھ وڌيڪ آھي حضرت محمد صلي علي وسلم جي ڏوھٽي جي ولادت جو ڏينھن آھي. اسان جي لاء تمام گھڻو سعادت جو ڏھاڙو آھي امام حسين پنھنجي قرباني ڏئي اسلام جو سر بلند ڪيو. ان موقعي تي جشن شعبان جي ميزبان ڊاڪٽر بشرا ميمڻ چيو ته  ھن ڏھاڙي تي ھو ھر سال جشن شعبان ۽ ولادت امام حسين عليھ سلام ملھائيندا آھيون ۽ نياز به  ڪندا آھيو جنھن اسان کي دلي سڪون ملندو آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں