اسان آئيني، سياسي، جمهوري ۽ معاشي بحران جو حل چاهيون ٿا. عوام ساٿ ڏئي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ لاءِ ڪٺ پتلي جماعت سميت ڪو به سياسي مخالف نه آهي. ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان جا مخالف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڄمي مخالف ڪئي، اسان تي تنقيد ڪئي وئي ته بي آءِ ايس پي پروگرام ذريعي ڪرپشن ٿيندي، پر دنيا مڃي ٿي ته اِهو شفاف ترين پروگرام آهي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ ذريعي سروي ڪرايو پيو وڃي، سڄي مُلڪ ۾ سروي جي حوالي سان مهم هلائڻ گهرجي، ماڻهن کي ٻڌايو وڃي ته هو پاڻ کي بي آءِ ايس پي ۾ رجسٽر ڪرائين، بي آءِ ايس پي جي رقم ۾ 25 سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته امير ماڻهو وٽ جيترو پئسو هوندو آهي اُهو اوترو ئي ڪنجوس هوندو آهي، پئسو غريب وٽ ويندو آهي ته هزارين ماڻهن جو ڀلو ٿيندو آهي، معيشت کي فائدو ٿيندو. بلاول ڀٽو چيو ته پ پ لاءِ مشهور آهي ته اِها اسٽيبلشمينٽ مخالف ۽ جهموريت جي حامي آهي، پيپلز پارٽي اٽي، لٽي ۽ اجهي لاءِ سياست ڪئي، اسان پنهنجن اصولن سبب شهادت قبول ڪئي. هن چيو ته پيپلز پارٽي لاءِ ڪٺ پتلي جماعت سميت ڪو به سياسي مخالف نه آهي، نه اسان جو ڪنهن سان مقابلو آهي، اسان سياست ۾ عوام کي حق ڏيارڻ لاءِ  آيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته مُلڪ ۾ اڄ به غربت، مهانگائي ۽ معاشي بحران آهي، اسان ان آئيني، سياسي، جهموري ۽ معاشي بحران جو حل چاهيون ٿا. اسان جو ساٿ ڏيو ۽ گڏجي جدوجهد ڪريو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں