ايس يو پي جو پيادل مارچ خدا آباد پهتو، سنڌ جي وحدانيت ۽ بقا لاءِ جدوجهد جاري رھندي:زين شاهه

دادو (رپورٽ:علي گوھر سومرو)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو پيادل مارچ سکر کان11 ڏينهن خدا آباد پهتو. شهرين ڳوٺاڻن  سياسي، سماجي صحافين  مذھبي  قوم پرستن اڳواڻن سينئر صحافي گلڻ خان ڀنڊ  ڪامريڊ اشرف لغاري دلشاد ڀٽو اياز بوڪ صداقت شاهاڻي، ارشاد برماڻي، ڪيهر خان لنڊ، محمد ابراهيم ڀنڊ، رئيس مولابخش جلباڻي، اياز شاهه، ڊاڪٽر فهد ڀنڊ، فدا حسين لنڊ، سجاد لغاري، ڊاڪٽر مشتاق پنهور، امام بخش ڀنڊ، عادل ڀنڊ، سلمان شاهه، استاد اختيار خشڪ والهانه اسقبال ڪيو ۽ ڪافلي ۾ شامل اڳواڻـن کي سنڌ جي سوکڙي ٽوپيون  اجرڪ  پارايا جڏهن ته سنڌ مشهور فنڪار اختيار خشڪ پاران سازن سان گڏ پھچي قومي گيت ڳائي قافلي جي آجيان پڻ ڪئي . ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي  صدر سيد زين شاه عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته موجوده زرداري مافيا ۽  حڪمران انصاف ۽ ايمانداري جي اصولن ته مشتمل نه آهي موجوده حڪمران ٽولي اسان جا درياه به وڪڻي ڇڏيا آهن هن وڌيڪ چيو ته 270 ڪلوميٽر جي ايراضي ته مشتمل جزيرا پڻ وڪڻي ڇڏيا آهن. سنڌ اسيمبلي جي نا اهل ۽ ڪرپٽ ميمبرن ايگزيڪيٽو  ۽ ٽيڪنيشن پنهنجا اختيار وفاق اڳيان سرينڊر ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل قومي اسيمبلي جي اسپيڪر نوان صوبا ٺاهڻ لاء ڪاميٽي تشڪيل ڏني آهي. ڪراچي ۾ رهندڙ 40 لک غير ملڪي ماڻهن کي نيڪالي ڏيڻ بدران کين سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته روز جي بنياد ته سوين غير ملڪي ماڻهن کي ڪراچي آندو پيو وڃي جيڪا سنڌ امڙ سان غداري برابر آهي آخر ھن چيو ته سنڌ جي وحدانيت بقا لاءِ زرداري مافيا خلاف جدوجهد جاري رھندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں