حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد ۾ ٻن ڏينهن وارو اٺون حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول شروع ٿي ويو، ادبي ميلي جو افتتاح ثقافت کاتي جي ڊي جي منور علي مهيسر، مھتاب اڪبر راشدي، مدد علي سنڌي ۽ ٻين ڪيو، ادبي ميلي جي پهرين ڏينهن تي مختلف موضوعن تي ادبي ۽ فڪري ويهڪون ٿيون، جنهن ۾ ناميارن، اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ آرٽسٽن شرڪت ڪئي. افتتاحي تقريب جي ڪارروائي رضوان گل ۽ سنجها سيد هلائي، عرفان عالماڻي وائي پيش ڪئي، رجب سهراب فقير ۽ سلامت سهراب فقير سچل سرمست جي ڪافي پيش ڪئي. قومي گيت “اسان لاءِ سنڌ وطن آهي” تي گل عرساڻي هائير سيڪنڊري اسڪول قاسم آباد جي شاگردن ٽيبلو پيش ڪيو. نامياري ليکڪه ۽ شاعره مھتاب اڪبر راشدي چيو ته ميلن ۾ استعمال ٿيندڙ رقم ٽيڪس جا پئسا آهن، انهن تي اعتراض اجايو آهي، ٻولي جي حوالي سان اسان کي وڏو خطرو پنهنجن گهرن ۾ آهي، روزگار جي کوٽ سبب اسان جا نوجوان ٻين ملڪن جو رخ پيا ڪن، سنڌي ٻوليءَ کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، اسان جا ٻار گهرن ۾ سنڌي نٿا ڳالهائين، اسان جا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ٻارن سان اردو ۾ ڳالهائين ٿا، اسڪولن ۾ ٻارن کي سنڌي نٿي پڙهائي وڃي، اهڙي صورتحال ۾ اسان کي پنهنجو پاڻ کان اهو سوال ڪرڻو پوندو، اسان پنهنجي ٻار سان اٿندي ئي انگريزي ٿا ڳالهيون، جيئن ان کي ڪنهن کي اسڪول ۾ داخلا ملي سگهي، اسان پنهنجي ٻارن کي سنڌي ٻولي نه سيکاري آهي، اهو رويو اسان جي لاءِ وڏو خطرو آهي. هن چيو ته اڄ اخبارون سسي ويون آهن، ان ماحول ۾ پنهنجي وجود کي بچائڻو آهي، ٻارن تائين ادب ۽ ٻولي پهچائڻ سان ئي اسان پنهنجو وجود بچائي سگهون ٿا. نامياري اديب مدد علي سنڌي چيو ته سنڌ جي تاريخي شهر ۾ اڄ اٺون ادبي ميلو منعقد ڪرڻ وڏي ڳالهه آهي، سنڌي ماڻهن ٻولي ۽ وطن لاءِ هميشه مزاحمت ڪئي آهي، چئلينجز اڄ به موجود آهن، هي ٻولي ۽ ڌرتي هزارين سالن ورثو آهي، ان ڪري قوم ڇو نه پنهنجي تهذيب ۽ تمدن سان ڇو محبت ڪندي، سنڌ اهو واحد خطو آهي، جيڪو هن دور ۾ به پنهنجي شاعرن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ميلا منعقد ڪري ٿو، سنڌ جو ماڻهو ذهني آزاد آهي، ملائيت کان پري آهي، پنهنجي ٻولي ۽ وطن سان بي حد محبت ڪري ٿو. شاعر ۽ اديب پروفيسر نور احمد جنجهي چيو ته اسين سيليبريٽمگ قوم رهيا آهيون، اسان وٽ ڪنهن جنگ، ڪنهن ڌماڪي يا هٿيار جي ڳالهه ناهي، اسان سنڌي جمالياتي ذوق رکون ٿا، سنڌ جو پنهنجو هڪ ڌار تحرڪ رهيو آهي، ان جي ڪري ئي سنڌ قائم رهي سگهي آهي، سنڌ کي ڪوبه وڏو خطرو ناهي، للڪار جي دور ۾ به سنڌي پنهنجي ڌرتي جي مالڪي ڪندا رهندا. نامياري شاعر آڪاش انصاري چيو ته اسان شهرت جا بکيا ناهيون، سنڌ جي ماڻهن ايترو پيار ڏنو آهي، هاڻ اسان کي ڪابه بک ناهي، هن قسم جي پروگرامن ۾ اچي اتساهه ملي ٿو، جنهن سان نئين شاعري ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿئي ٿو، پروگرامن ۾ شريڪ سوين هزارين نوجوانن جي هماليه کان وڏا حوصلا ۽ همت ڏسي اسين پاڻ هماليه ٿيون ٿا، تنقيد ڪندڙ اهو ٻڌائين ته انهن پاڻ ڇا ڪيو آهي. منور علي مهيسر چيو ته 16 ۽ 17ع وارو دور دهشتگردي عروج تي هئي، شڪارپور ۾ به ڌماڪو ٿيو. قلندر جي مزار تي به ڌماڪو ٿيو، ڪيترائي ماڻهو مري ويا، صوفي ميلي ٿي رهيو هو، ان ڏينهن تحريڪ لبيڪ سڄي پاڪستان کي جام ڪري ڇڏيو هو، ميلي ڪرڻ کان روڪيو ويو، ان ئي ڏينهن سڄو حيدرآباد ٻهڪي پيو، سڄو ملڪ بند هو، اسان کي محبتون ورهائڻ لاءِ وقت نٿو ملي، ماڻهن کي نفرت لاءِ وقت ڪيئن ملي وڃي ٿو، نفرت اسان جي ڊڪشن ۾ موجود ئي ناهي، آئون ثقافت کاتي نه پر سنڌ جو ملازم آهيان، پر جيڪڏهن ثقافت کاتو ڪو سٺو ڪم ڪري ٿو ته ان کي ساراهڻ ضرور گهرجي، اسان ۾ خاميون ۽ ڪوتاهيون هونديون، اسان توهان جا نوڪر ۽ خادم آهيون، اچي ويهو ۽ اسان کي غلط شين بابت ٻڌايو. زاهده ڏيٿو چيو ته محبت قائم رهندي، ميلا پنهنجي ثقافت کي سيليبريٽ ڪرڻ جو ذريعو آهي، ادبي ميلي ۾ سهڪاري رهيا آهيون، 24 ضلعن ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون، ٻوڏ دوران ٻوڏ سٽيل ماڻهن جي مدد ڪئي، نوجوان جو ويزن زيرو ٿي ويو آهي، نوجوانن مان پروفيشنل ازم ختم ٿيندو پيو وڃي، نوجوان صرف موبائل جي استعمال ۾ لڳي ويا آهن. ايڇ ايل ايف جي پهرئين ڏهاڙي تي “شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جديد ۽ مثالي انسان جو تصور” جي موضوع تي سيشن ٿيو، جنهن جو ماڊريٽر جاويد سهاڳ هو.ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو چيو ته سماج ۾ تصور قائم ڪيو ويو آهي ته جديد ۽ ڪامياب انسان ٿيڻ لاءِ کيسو گرم هجي، مال دولت هجي، وڏيون وڏيون گاڏيون هجن، سنڌ ۾ اهڙو فراڊي تصور ٺاهيو ويو آهي، هن دور جي تقاضا آهي ته بهادر، ايماندار ۽ سچو هئڻ سان گڏ ٽيم سان هجي، جيڪو ماڻهو ڪجهه نه ڪجهه سکڻ جي بيچيني ۽ طلب ۾ ناهي ته اهو جديد انسان ناهي، بنا ڪم ڦاسڻ ۽ ڪم پوڻ تي عزت ملي، ان کي ڪامياب انسان نٿو چئي سگهجي، اسان وٽ صرف پلان اي آهي، دنيا جي ماڻهن وٽ ڪيترائي پلان هوندا آهن، اسان وٽ متبادل ناهي.
