دڙو – ابڙال روڊ تان نوجوان کان موٽر سائيڪل ۽ رقم ڦر، ڳوٺاڻن جو احتجاج

دڙو (رپورٽ: امداد ميمڻ) دڙو – ابڙال روڊ تي ھٿياربندن ھٿان ڪوڪڙي برادري جي نوجوان کان موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر، دڙو پنڃاري پل تي ڪوڪڙي برادري جو عورتن ۽ ٻارن سان گڏ ڦر واقعي خلاف احتجاجي ڌرڻو، روڊ بلاڪ، جسقم اڳواڻ انور ملاح، ڪامريڊ اشرف سولنگي، ارباب خليل ميمڻ سميت ٻين ڌرين جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڪوڪڙي برادري جي رامون، بصريو ڪوڪڙي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ دڙو ابڙال روڊ ٻاٻڙا سم وٽ ھٿياربندن مونکي روڪي تشدد بعد 20 ھزار نقد رقم ۽ موٽرسائيڪل ڦر ڪئي، جنھن جو فرياد کڻي دڙو ٿاڻي پھتاسين تہ دڙو پوليس جي ايس ايڇ او فرياد وٺڻ بجاءِ مورڳو اسانکي بي عزتو ڪري ٿاڻي تان ڊوڙائي ڇڏيو، جڏھن تہ دڙو پوليس جي ايس ايڇ او اختر حسين ڪٽپر ٻڌايو تہ ڪوڪڙي برادري جي ماڻھن کان ٿيل ڦر بابت مختلف طريقن سان جانچ ڪري رھيا آھن، ھن چيو تہ فريادي ڪوڪڙي برادري جي داخل ڪرايل رپورٽ ۾ وڏو تضاد آھي، ان باوجود ڪوبہ جوابدار ملوث نڪتو ان کي جلد گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو، ھوڏانھن جسقم جي ضلع اڳواڻ انور ملاح، ڪامريڊ اشرف سولنگي ۽ ارباب خليل ميمڻ ڳالھائيندي چيو تہ دڙو پوليس امن امان بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آھي، دڙو جي ڪوڪڙي برادري کان ٿيل ڦر واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، ھنن مطالبو ڪيو تہ بدامني جو فوري طور تي نوٽيس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں