ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت ھندو برادري جي اڳواڻ ۽ سماج سڌارڪ وشال آنند کي انساني حقن بابت جوڙيل ڪميٽي جو ميمبر مقرر ڪري ڇڏيو جنھن جو باقائدا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي. ڪميٽي ۾ ڏھن ٻين ميمبرن کي شامل ڪيو ويو آھي وشال آنند پيپلزپارٽي قيادت وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جا ٿورا مڃيندي چيو ته صوبائي صلاحاڪار سريندر ولاسائي ۽ پ پ اقليتي اڳواڻ راڪيش متياڻي جو اھم ڪردار آھي. سريندر ولاسائي انساني حقن جي ڪميٽي فعال بڻايو آھي. ھن چيو ته اميد ڪيون ٿا ته سنڌ ۾ انساني حقن جي علمبرادي ٿيندي رھندي پيپلزپارٽي حڪومت عوام سان ٿيندڙ ڏاڍين ۽ ناانصافين جو خاتمو ڪري پئي.
