ملير(ڊ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي بحريا ٽائون ڪيس ۾ اي ٽي سي 15 ان سائيڊ ڪورٽ سينٽر جيل ڪراچي ۾ پيش، سنڌ سان عشق جي ڏوھ ۾ سيد ۽ بابا جي روايت تي هلندي ڪورٽن ۾ بيٺا آهيون، ڊجيٽل آدمشماري، سنڌو درياھ جو رخ موڙڻ، ڌاري آبادي، مهانگائي،لاقانونيت وڌي وئي آهي، 20 مارچ تي سنڌي قوم کي شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي اڱڻ تي گڏ ٿي جدوجهد ڪرڻ جو سڏ ڏيان ٿو، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي خبر موجب جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي بحريا ٽائون ڪيس ۾ اي ٽي سي 15 ان سائيڊ ڪورٽ سينٽر جيل ڪراچي ۾ ٻڌڻي لاءِ پيش ٿيو، ڪيس ۾ شاهد نه اچڻ ڪري عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 18 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪورٽ ٻاهران جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ سان عشق ۽ محبت جي ڏوھ ۾ دهشتگردن لاءِ قائم ڪيل ڪورٽن ۾ بيٺا آهيون، هن چيو ته اها رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد ۽ شهيد بابا بشير قريشي جي روايت آهي جنهن تي هلي رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته سنڌ امڙ جي مسئلن جو حل به سيد جي فڪر ۽ شهيد بابا بشير خان جي اختيار ڪيل جدوجهد جي طريقيڪار ۾ آهي، هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، ڊجيٽل آدمشماري بنا سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪرائڻ وڏي سازش آهي، سنڌ ۾ موجود لکين غير قانوني ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ بدران سنڌ سرڪار ڇهن مهينن تائين رهندڙ ڌارين کي ڊوميسائيل ۽ پي آر سي ڏئي رهي آهي، جيڪو سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو آهي، جنهن تي سجاڳ ٿي قومي ٻڌي ڪري جدوجهد جي ضرورت آهي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو ته حڪمران مهانگائي، بدامني، لاقانونيت تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن، سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، ڊجيٽل آدمشماري، سنڌو درياھ جو رخ موڙڻ جي سازش، مهانگائي، بدامني ۽ لاقانونيت خلاف سنڌ امڙ جو سڏ ورنائڻ ۽ جدوجهد لاءِ 20 مارچ تي شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي اڱڻ تي سنڌي قوم کي گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏيان ٿو، هن 4 مارچ تي شاگرد جدوجهد جي ڏهاڙي تي جساف کي سڄي سنڌ ۾ شاگردن جي مسئلن جي حل لاءِ ريليون ڪڍڻ جو اعلان پڻ ڪيو، هن چيو ته 21 مارچ تي شهيد مقصود خان قريشي ۽ نوجوان شهيد سلمان وڌو جي مزارن تي حاضري ڀري کين قومي سلامي پيش ڪئي ويندي، جڏھن مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام مرڪزي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته 21 مارچ تي رتوديرو ۾ شهيدن جي مزار تي جسقم مرڪزي باڊي ۽ مرڪزي پاليسي ساز اداري جيئمسٽ ڪائونسل جو اجلاس پڻ ٿيندو.
صدر جو پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ مقرر وقت تي چونڊن لاءِ وزيراعظم شهباز شريف کي خط
عمران خان جا الزام رد، پوليس تي گولي هلي ته جواب گولي سان ئي ڏينداسين: آءِ جي پنجاب
ٽرانسپورٽ کاتي جو رمضان ۾ وڌيڪ نون روٽس تي پيپلز اليڪٽرڪ بس سروس هلائڻ جو فيصلو
مودي برادري جي توهين جو الزام، ڀارت ۾ اپوزيشن ليڊر راهول گانڌي کي نااهل قرار ڏنو ويو
ڪوٽڙي ۾ نوجوان تحريڪ جو پيئڻ جي پاڻي لاءِ احتجاج
ادبي بورڊ کي متحرڪ بڻائڻ لاءِ ڪوشان آهيان:مخدوم سعيد
سکر هندو سنگت جي سڏ تي پريا ڪماري ۽ ساحل ڪمار جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
خيرپور لڳ ننڍي عمر جي شادي جو اطلاع، گهوٽ ۽ نينگري جو ڀاءُ گرفتار
15 سال پرڏيھ ۾ رھيس پر سنڌ امڙ جي سڪ ۽ ڇڪ واپسي تي مجبور ڪيو: اداڪارا غزل سلام
سُر ڪاپائتي ۾ شاهه لطيف ابتر اقتصادي حالتن جو ذڪر ڪيو آھي: اديب