نوابشاهه(ڊ ر) قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي نوابشاهه جو 13 ھون ڪانووڪيشن يونيورسٽي جي ملٽي پرپز ھال ۾ ٿي گذريو جنھن ۾ صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز ۽ پرو چانسلر يونيورسٽي سيد ضياءُ عباس شاهه رضوي مھمان خاص طور شرڪت ڪئي ان موقعي تي منعقد ٿيل تقريب ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز سيد ضياءُ عباس شاهه رضوي چيو ته اڄ يونيورسٽي مان ڊگريون حاصل ڪندڙن جو جوش ۽ جذبو ٻڌائي رھيو آھي ته ھو پنھنجي مستقبل جي باري ۾ ڪيترا پرعزم آهن ھن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو مستقبل انجنيئرنگ جي شعبي سان وابسته آهي. انجنيئرنگ جي تعليم سان ترقي جي حدفن کي حاصل ڪري سگھجي ٿو ھن وڌيڪ چيو ته ھي شاگرد ۽ شاگردياڻيون اسان جي قوم جو مستقبل آھن اميد آھي ته ھي ڊگريون حاصل ڪندڙ پنھنجي ملڪي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندائ صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته اڄ ايترن شاگردن پاران يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ، ماسٽرس ۽ بيچلرس جون حاصل ڪرڻ تي کين مبارڪباد پيش ڪيان ٿو ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت تعليمي جي بھتري لاءِ ھر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ڇاڪاڻ ته تعليم کان بغير ترقي ممڪن نه آهي. ان موقعي تي ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر قائدعوام انجنيئرنگ يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون چيو ته يونيورسٽي جي مين ڪئمپس سميت لاڙڪاڻو ڪئمپس جي 16 شعبن ۾شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انجنئيرنگ، سائنس ، ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾تعليم ڏني پئي وڃي ھن ڊگريون حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ انھن جي والدين کي مبارڪ باد ڏيندي چيو ته اميد آھي ته ھي نوجوان مستقبل ۾ پڻ انھي جذبي سان محنت جاري رکندي پنھنجي ملڪ، قوم جو نالو روشن ضرور ڪندا ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ضياءُ عباس شاهه رضوي ۽ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون يونيورسٽي جي مين ڪيمپس ۽ لاڙڪاڻي ڪيمپس جي سال 2018 ايف بيچ جي 170 شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڊگريون تقسيم ڪيون، جن ۾ 2 پي ايڇ ڊي، 1 ماسٽرز انجنيئرنگ ۽ 167 بيچلرز جو ڊگريون شامل آھن جڏھن ته مختلف شعبن جي 9 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گولڊ ميڊيل، 24 سلور ميڊل ۽ 65 کي ميرٽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا جڏھن ته يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون مھمان خاص صوبائي وزير سيد ضياء عباس شاهه، ايم پي اي علي حسن زرداري ۽ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو کي اعزازي شيلڊون پيش ڪيون تقريب ۾ ميمبر سنڌ اسيمبلي علي حسن زرداري ، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو،وائيس چانسلر وٽنري يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر فاروق حسن شاھ وائيس چانسلر پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ، وائيس چانسلر بينظير ڀٽو يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي، ايڊيشنل ڪمشنر شھيد بينظيرآباد فياض حسين راھوجو، انفارميشن آفيسر شير محمد جمالي سميت يونيورسٽي جي سابق ۽ موجوده پروفيسرن کانسواءِ سياسي سماجي اڳواڻن،شاگردن،شاگردياڻين ۽ سندن والدين پڻ شرڪت ڪئي.
